اوور بِلنگ جي صورت ۾ بجلي ڪمپنين جي ڌاڙيوالي

0
51
وڏي وزير جو پنهنجي ئي حڪومت خلاف چارج شيٽ جهڙو اعتراف

حڪمران ته عوام کي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙي ان جو رت ست نپوڙڻ ۾ ڪابه ڪسر نه پيا ڇڏين پر انهن جي عوام کان لاتعلقي به ٻين استحصالي ادارن کي ڄڻ ته کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آهي. اها ڦرلٽ تيل، گئس ۽ بجليءَ جي مد ۾ گهڻي ٿيندي رهي آهي. هڪ طرف عالمي مالياتي اداري جي فرمائشن تي بجلي مهانگي ڪري عوام جي پهچ کان پري ڪئي وئي آهي، حڪومت جي ظالماڻن ٽيڪسن عوام لاءِ وڌيڪ ڏکائيون پيدا ڪيون آهن ته مٿان وري بجلي ڪمپنين جي ڌاڙيواليءَ عوام کي جيئڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ بجليءَ جي واهپيدارن کان اربين رپين جي ‘اوور بِلنگ’ جي وڏي اسڪينڊل جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ اڳ ئي مهانگي بجليءَ باوجود واهپيدارن کان اوور بِلنگ ذريعي اربين رپيا وصول ڪيا ويا آهن. آگسٽ مهيني ۾ بجلي ڪمپنين واهپيدارن کان اربين رپين جا بل وڌيڪ وصول ڪيا. نيپرا جي انڪوائري رپورٽ ۾ آگسٽ جي بلن ۾ اوور بِلنگ ثابت ٿي چڪي آهي. نيپرا طرفان ڊسڪوز جي اوور بِلنگ جي حوالي سان رپورٽ پڌري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اسان جي ملڪ ۾ عوام جي ڦرلٽ جا نوان رڪارڊ قائم ٿي رهيا آهن. خاص طور تي بجلي ڪمپنيون واڌو بل، اضافي بل ۽ ڊٽيڪشن بل موڪلي عوام جي ڦرلٽ ڪنديون رهيون آهن ۽ هاڻي ته ڳجهي نموني سان عوام جي کيسي تي ڌاڙيوالي ڪرڻ وارو انڪشاف پڻ سامهون آيو آهي. انتهائي غربت جا شڪار ماڻهو، جن جي مجموعي ماهوار آمدنيءَ جو 70 سيڪڙو ته مهانگي بجليءَ جي بلن حوالي ٿيو وڃي ته باقي هو ٻچن کي ڇا کارائين؟ بجلي ڪمپنين طرفان اوور بِلنگ جي ذريعي ڪيل ڌاڙيوالي اهڙو عمل آهي، جنهن جي اڳيان دنيا جا وڏا ڌاڙا به شرمنده آهن. سڀ کان وڌيڪ اوور بِلنگ ليسڪو ۽ حيسڪو ريجن ۾ ٿي. ڊسڪوز طرفان ٿيندڙ ان ڌاڙيواليءَ جو طريقهء واردات اهو رهيو ته پروٽيڪٽيڊ واهپيدارن کان نان پروٽيڪٽيڊ وارا بل وصول ڪيا ويا ۽ اوور بِلنگ جي لاءِ ريڊنگ ۾ دير وارو هربو استعمال ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت ريڊنگ ۾ دير ڪري پروٽيڪٽيڊ واهپيدارن کي نان پروٽيڪٽيڊ ڪئٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو. ٿيو ائين ته ميٽر ريڊنگ جي مقرر تاريخ بدران ڄاڻي ٻجهي ٽي چار ڏينهن دير سان ريڊنگ ورتي وئي. ان کانسواءِ ڊسڪوز طرفان ميٽر تبديليءَ جي نالي تي پڻ وڌيڪ وصوليون ڪيون ويون.

ملڪ ۾ بجليءَ جي چوري کان وٺي مختلف غير قانوني عملن ۾ بجلي ڪمپنين جا اهلڪار ملوث هوندا آهن. اهي بجلي جي ڪُنڊا ڪلچر کي هٿي ڏين ٿا، بجلي وڪڻن ٿا ۽ ان جي پورائي جي لاءِ وري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي آزار ۾ وجهن ٿا. بجلي ڪمپنين طرفان انهن علائقن ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي، جتي بلن جي وصولي گهٽ ٿئي ٿي پر ڏسجي ته اها نااهلي به بجلي ڪمپنين جي اهلڪارن جي آهي، جيڪي بجليءَ جا بل وصول ڪرڻ ۾ نااهليءَ جو مظاهرو ڪن ٿا ۽ ان جي سزا وري انهن ماڻهن کي ڀوڳڻي پوي ٿي، جيڪي پنهنجا بل پابنديءَ سان ادا ڪن ٿا. ان کانسواءِ لائين لاسز جي نالي ۾ پڻ واهپيدارن تي وڏي چٽي مڙهي وڃي ٿي. بجلي ڪمپنين جو انفراسٽرڪچر جيڪڏهن ناڪارا ۽ پراڻو آهي، جنهنڪري لائين لاسز وڌيڪ ٿين ٿا ته ان ۾ واهپيدارن جو ڪهڙو ڏوهه؟

هونئن ته هر مهيني عوام کان فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز جي نالي ۾ ڳري رقم وصول ڪئي وڃي ٿي ۽ هاڻي وري اوور بِلنگ جي نالي ۾ هيڏو وڏو ڌاڙو هنيو ويو آهي، پر اهو پهريون دفعو ناهي ٿيو، هن کان اڳ به اهڙيون ئي وارداتون بجلي ڪمپنيون مختلف وقتن تي ڪنديون رهيون آهن پر انهن کان پڇاڻو نٿو ٿئي، ويتر انهن جي فرمائشن تي بجليءَ جا اگهه وڌايا وڃن ٿا. هاڻي جڏهن نيپرا طرفان ڪرايل انڪوائريءَ ۾ اوور بِلنگ وارا معاملا ثابت ٿي چڪا آهن ته بجلي ڪمپنين خلاف سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. نه صرف اهو پر اوور بِلنگ واري رقم واهپيدارن کي واپس ڪرائي وڃي ۽ آئنده لاءِ اهڙي ڦرلٽ روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.