ڪنڊيارو (رپورٽ: وحيد ميمڻ) اين اي 205 نوشهرو فيروز تي پ پ جي اميدوار ابرار علي شاهه ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ مٺو رند پهتو، جتي ڪارنر گڏجاڻي دوران ڳوٺاڻن پ  پ اميدوار سيد ابرار شاهه کي ووٽ ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڳوٺاڻا اميدوار ابرار شاهه کي چئي رهيا آهن ته اسان نه ووٽ اوهان کي ووٽ ڏئي سگهون ٿا ۽ نه ئي بيٺل آزاد اميدوار کي توهان جي حق ۾ هٿ کڻائي سگهون ٿا، ڳوٺاڻا اميدوار کي چلينج ڪندي چون ٿا ته اسان جي پولنگ پ پ  سميت ڪو به اميدوار کٽي ڏيکاري ته ڏسنداسين، هي پولنگ اسان جي آهي ۽ اسان ووٽ پنهنجي مرضي سان ڏينداسين، هوڏانهن اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ماڻهو مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو سخت تنقيد پڻ ڪري رهيا آهن، جن جو چوڻ آهي ته سياسي اڳواڻن کي حساب ته ڏيڻو پوندو.