اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني ۾ پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻِ دوران دلچسپ جملن جي ڏي وٺ به ٿي. وڪيل سلمان اڪرم چيو ته گذريل ٻڌڻي ۾ هڪ ڪارٽون جو ذڪر ٿيو، اهو ڪارٽون ته نه مليو پر ٻيو مليو، جنهن ۾ هڪ شخص کي ٻڌي ماريو پيو وڃي، ريفري به کيس ماري رهيو آهي، جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اهو ڪارٽون 2018ع وارو هو، جسٽس صلاح الدين پنهور سلمان اڪرم راجا سان مخاطب ٿيندي چيو ته لڳي ٿو ته اوهان سان پنهنجن ايئن ڪيو، جسٽس امين الدين چيو ته اڄڪلهه ڪهڙو زمانو آهي، عدالت جي پڇيل سوالن جو عدالت کان ٻاهر ٻيو ڪجهه مطلب ورتو وڃي ٿو.