ڪراچي (م ڊ) پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته اوهان جي طرفان هلايل گولي جشن کي سانحي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي، نئون سال امن سان ملهايو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ آصفه ڀٽو چيو ته نئين سال جي آمد کي ذميواري سان ملهائڻ ياد رکو، هوائي فائرنگ رڳو لاپرواهي نه پر جانيون ضايع ڪندڙ آهي، اوهان جي طرفان هلايل گولي هڪ معصوم جي زندگي جو خاتمو آڻي سگهي ٿي.