جيڪڏهن اوهان ونڊوز آپريٽنگ سسٽم جا ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ استعمال ڪندا آهيو ته سٺي خبر اها آهي ته ان ذريعي پنهنجي اينڊرائڊ فون کي به ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا.

اينڊرائڊ 14 تي ڪم ڪرڻ وارن سمارٽ فونز کي ڪمپيوٽر ذريعي استعمال ڪري سگجهي ٿو، اهڙو اي آءِ ٽيڪنالاجيءَ سان ليس مائيڪرو سافٽ ڪوپائليٽ پروگرام ذريعي ممڪن هوندو.

انهي سروس کي استعمال ڪرڻ لاءِ ويب برائوزر تي copilot.microsoft.com تي وڃڻو پوندو، ان بعد مينيو ۾ وڃي ڪري فون پلگ کي ايڪٽو ڪيو، جنهن بعد فون جا فيچرز استعمال ڪرڻ لاءِ ڪوپائليٽ کي مختصر تحريري هدايت ڏيو.

اهو عمل هڪ منٽ ۾ مڪمل هوندو ڇو ته اي آءِ سروس جي مختلف ڪنڪٽيويٽي رڪاوٽن سبب ردعمل ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت گهربل هوندو آهي.

فون لنڪ هڪ ونڊوز سروس آهي جيڪا ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ سان جوڙيندي آهي، ان لاءِ گوگل پلي اسٽور تي وڃي ڪري ونڊوز ايپ کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.ڪجهه سمارٽ فونز جي ڪمپنين جي ڊيوائسز مان پهريان کان ئي انهي حوالي سان مڪمل پهچ ڏني پئي وڃي ته جيئن ريموٽ فون آپريشن ممڪن ٿي سگهي.