نئين دهلي (م ڊ) اولهه بنگال رياست سان واسطو رکندڙ سنجي شادي کانپوءِ زال جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي کيس چنڊ تي پلاٽ تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنجي جي هلندڙ سال اپريل ۾ شادي ٿي هئي، پر شادي کان پوءِ زال جي پهرين سالگرهه تي سنجي پنهنجي زال لاءِ چنڊ تي هڪ ايڪڙ پلاٽ خريد ڪيو ۽ کيس تحفي ۾ ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته چنڊ جي ملڪيت عملي طور تي ممڪن ناهي، پر ڪيتريون ئي ويب سائيٽس چنڊ جا ٽڪرا وڪرو ڪنديون آهن ۽ ان کي خريد ڪندڙ ماڻهن کي ”اعزازي سرٽيفڪيٽ“ فراهم ڪنديون آهن.