ٽوڪيو (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ کي لاس اينجلس اولمپڪس 2028 کانپوءِ هاڻي ايشيائي راندين (ايشين گيمز) جو به حصو بڻايو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ايشين اولمپڪ ڪائونسل (او سي اي) اعلان ڪيو آهي ته 2026ع ۾ جپان جي شهر ناگويا ۾ شيڊيول 20هين ايشين گيمز ۾ مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمون حصو وٺنديون. اِهو فيصلو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ۽ ايشين اولمپڪ ڪائونسل جي وچ ۾ هلندڙ ڳالهين کانپوءِ ڪيو ويو آهي. ايشين گيمز جا مقابلا ايندڙ سال 19 سيپٽمبر کان 4 آڪٽوبر تائين جاري رهندا ، جن ۾ ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش ۽ سري لنڪا جي ٽيمن جو حصو وٺڻ جو امڪان آهي. ان کان اڳ ڪرڪيٽ سال 2010، 2014 ۽ 2022ع جي ايشين گيمز ۾ به شامل رهي آهي، پر هاڻي ان کي ميگا ايونٽ جو مستقل حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، رپورٽن موجب، ڪرڪيٽ جي ميچن لاءِ اڃا حتمي هنڌ جو اعلان ناهي ٿيو، پر انتظاميا ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2024 (آمريڪا) وانگر ماڊيولر اسٽيڊيم استعمال ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ آءِ او سي 128 سالن کانپوءِ لاس اينجلس اولمپڪس 2028ع ۾ ڪرڪيٽ کي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ مردن ۽ عورتن جون ڇهه ڇهه ٽيمون حصو وٺنديون. ياد رهي ته 1900ع جي پئرس اولمپڪس کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ ٻيهر اولمپڪس جو حصو بڻجندي.