ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اوقاف کاتي ۾ انڌيرنگري، هڪ ئي وقت 3 اهم ذميواريون سنڀاليندڙ ايڊمنسٽريٽر تي قانون جي ابتڙ ڀرتي ٿيڻ جو الزام،آڊٽ آفيسر ۽ اڪائونٽنٽ به پنهنجا پٽ ڀرتي ڪرايا، ان ڏس ۾ اوقاف کاتي جي اڳوڻن ملازمن مهتاب خان ۽ نسيم خان سنڌ جي چيف سيڪريٽري، اينٽي ڪرپشن چيئرمين، ڊي جي نيب ۽ وڏي وزير کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته حيدرآباد جي ايڊمنسٽريٽر جي عهدي تي ويٺل 17هين گريڊ جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر نور پهوڙ کي سال 2004ع ۾ هڪ سال جي ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيو ويو هو، سال 2013ع ۾ تڏهوڪي چيف ايڊمنسٽريٽر اختيار اورانگھيندي کيس 17هين گريڊ ۾ پڪو ڪري ڇڏيو، هن وقت ڊاڪٽر نور پهوڙ وٽ چيف ايڊمنسٽريٽر جا ڊي ڊي او پاور هجڻ سان گڏ پوسٽنگ ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد طور ٿيل آهي، کيس ميرپورخاص جي ايڊمنسٽريٽر جي اضافي چارج به سونپيل آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف جي ڊي ڊي او اڪائونٽ جي  هڪ سال ۾ ٿيل خرچن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي  خط ۾ چيو ويو آهي ته معطل ٿيل 17هين گريڊ جي آڊٽ آفيسر غلام رسول سومرو جي پُٽ علي اڪبر سومرو کي هڪ گريڊ ۾ ان وقت ڀرتي ڪيو ويو،  جڏهن سندس عمر 18 سالن کان گھٽ هئي، بعد ۾ کيس 11هين گريڊ ۾ جونيئر ڪلارڪ طور ترقي به ڏني وئي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته چيف ايڊمنسٽريٽر آفيس حيدرآباد جي اڪائونٽنٽ غلام محمد شيخ جي پُٽ عذير شيخ کي سال 2018ع ۾ بِنا پگھار  رضاڪار مقرر ڪيو ويو، کيس ٽن مهينن بعد گريڊ هڪ ۾ نائب قاصد ( پٽيوالي) طور پڪو ڪيو ويو. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته غيرقانوني ڀرتين واري معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.

ميلن ۾ زائرين جي سهولتن لاءِ ساڍا 3 ڪروڙ ڪڍرائڻ جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ ۾ لڳندڙ مختلف  ميلن ۾ زائرين جي سهولتن لاءِ 3 ڪروڙ 42 لک ڪڍرائڻ جو انڪشاف، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف پاران گاڏين لاءِ 27 لکن جو پيٽرول استعمال، رپورٽن موجب ميلن ۾ زائرين جي مختلف سهولتن تي 3 ڪروڙ 42 لک 82 هزار رپيا خرچ ظاهر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ٽرانسپورٽ جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 69 لک رپيا، مشينري خريداري ۽ مرمت جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 24 لک، فرنيچر خريداري جي مد ۾ 11 لک اخبارون خريداري جي مد ۾ 5 لک ٽريولنگ الائونس جي مد ۾ 17 لک خرچ ڏيکاريو ويو آهي.

 

اوقاف جون 8 ڊسپينسريون بند هجڻ باوجود 70 لکن جون دوائون خريد!!

ڪراچي: اوقاف کاتي جون 8 ڊسپينسريون بند هجڻ باوجود 70 لک رپين جون دوائون خريد! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب درگاھ مڪي شاھ، درگاھ سعدي موساڻي، ناياب مسجد ڪراچي، درگاھ قلندر شهباز ۽ منگھوپير سميت اوقاف کاتي جون 8 ڊسپينسريون بند هجڻ باوجود اختيارين پاران ڊسپينسرين لاءِ دوائن  جي خريداري جي مد ۾ 70 لک رپيا استعمال ڪيا ويا آهن.