ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي درگاهن تي زائرين کي ملندڙ غير معياري لنگر جي شڪايتن تي فوڊ اٿارٽي کان لنگر خانن جو معائنو ڪرائڻ جي هدايت، ڪالهه چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھه جي صدارت هيٺ اوقاف، زڪوات ۽ عشر کاتي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري پاران اوقاف جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، چيف سيڪريٽري چيو ته اوقاف جا دڪان ۽ زرعي زمينون مارڪيٽ ريٽ تي مسواڙ / مقاطعي تي ڏنيون وڃن، هن درگاهن جي تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت برقرار رکڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مرمت لاءِ آثار قديمه  کاتي سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي، چيف سيڪريٽري زڪوات  سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته درگاهن جي لنگر خانن جو سنڌ فوڊ اٿارٽي کان معائنو ڪرايو وڃي، ان موقعي تي زڪوات سيڪريٽري ٻڌايو ته اوقاف کاتي وٽ 10 هزار 823 ايڪڙ زرعي زمين، 2 هزار 226 دڪانن، 19 گدام ۽ 810 فليٽ آهن. هن ٻڌايو ته هلندڙ سال اوقاف کاتي کي پراپرٽي مان 103 ملين رپين جي آمدني ٿي آهي. هن ٻڌايو ته کاتي جا 870 ملين رپين جا 44 ترقياتي منصوبا هلندڙ آهن،  اوقاف جي زرعي زمينن جي 3 مهينن اندر ميوٽيشن مڪمل ڪئي ويندي چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته نظراني جي رقم ۾ ڪرپشن ڪندڙ ملازمن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي،