رپڙي(ن پ ا) رپڙي ڀرسان اوطاق ڪلچر کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اوطاق مشاعرو جي عنوان هيٺ پروگرام منعقد ڪيو ويو، ناليوارن شاعرن سگهڙن شاعري ۽ قصا ڪهاڻيون پيش ڪيا، ڳوٺ مور عليٰ لاڙڪ ۾ مور عليٰ لاڙڪ جي اوطاق تي سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي طرفان غازي صدام حسين جي تعاون سان اوطاق ڪلچر کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ جاڳرتا طور اوطاق مشاعرو جي عنوان هيٺ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ناليوارن شاعرن سگهڙن۽ سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور جي چيئرمين ظھير احمد لاڙڪ، مير صوبدار سعيد، محمد اسحاق چانڊيو، سجاد ميراڻي، پروفيسر ممتاز حسين عادل، ميان محمود ڌاريجو ، الطاف راجا حسين بخش محبتي، ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شاعري ۽ قصا ڪهاڻيون پيش ڪيا ويا، مقررين جو چوڻ هو ته اوطاقون سنڌ جي تاريخ جيتريون قديم آھن ،اوطاقون پيار محبت امن، اخلاق ۽ سخاوت جو مرڪز آھن، اوطاقن ۾ ڪافي مسئلن جو عدالتن کان اڳ ۽ تڪڙو اڪلاءُ ٿيندو آهي، روزانو اوطاقن ۾ ميل ملاقات ڪرڻ سان شڪايتون، دور ٿينديون آهن، قدورتون ۽ ڪينو ختم ٿيندو آهي، ھڪ ٻئي جا اھنج آزار ٻڌي حل ڪيا ويندا آهن، اوطاقون يونيورسٽي جي حيثيت رکن ٿيون، پر ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، بي روزگاري، موبائل فون، ھوٽل ۽ ٻيا ڪيترائي سبب آھن جو اوطاق سسٽم تيزيءَ سان ختم ٿيندو پيو وڃي، اوطاقون اسان ٻھراڙي وارن جو شان ۽ سنڌ جي قديمي ثقافت آهن، ان لاءِ ضروري آهي ته اوطاق ڪلچر کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ جاڳرتا پروگرام ڪري اوطاقن کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن وري اھي محبتون ۽ امن امان بحال ٿي سگهي.