باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي اوستا محمد جي باغ ھيڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ چاڪر مگسي ۾ بنگلاڻي برادري ۾ ھلندڙ سڱاوتي تڪرار تان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾گھر ڌياڻي 80 ورھين جي مانجهه، سندس ڌيءُ ھنجر ۽ ننھن نازيا بنگلاڻي ٿڏي تي مارجي ويون. پوليس ٽنھي عورتن جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال اوستا محمد مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا، عورتن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.ايس ايچ او باغ ھيڊ صحافين کي ٻڌايو ته بگن بنگلاڻي ۽ اشفاق بنگلاڻي ۾ ھلندڙ سڱاوتي تڪرار تان ھٿياربندن بگن بنگلاڻي جي گھر ۾ ستل عورتن مانجهه،ھنجر ۽ نازيا کي مرد سمجھي گوليون هڻي قتل ڪيو، جڏھن ته مرد ڪمرن ۾ ستل ھئا.ھن ٻڌايو ته گھر ڌڻين ٽن ھٿياربندن لياقت، مرتضي ۽ اشفاق احمد بنگلاڻي کي سڃاڻو آھي، جيڪي ٺل تعلقي جا رھواسي آھن.