اوري هئا ته آيا

0
46
ڇا ڏينهن هئا ڇا نينهن هئا

سنڌ صدين کان درياھه ۽ سمنڊ جو ديس رهي آهي لطيف سائين سنڌ جي پاڻي تي ٽي سر لکيا آهن جن ۾ سامونڊي سريراڳ ۽ سهڻي سر خاص آهن ان کانسواءِ رسالي جي ٻين سرن ۾ به پاڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سارنگ جيڪو مينهن برسات جو سر آهي، سر ڏهر جنهن ۾ سنڌو ندي جي رخ مٽائڻ جا قصا بيان ٿيل آهن، اهڙي طرح سر ڪاموڏ ۾ به نوري مهاڻي گندرن ۽ ڪينجهر جو ذڪر آهي. سنڌ جا سامونڊي ٻيڙياتا ناکئا وڏا مشهور جهازران ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن پنهنجا ٻيڙا هاڪاري ويندا هئا ۽ ججهو ناڻو ڪمائي ايندا هئا. ٽي سئو سال اڳ ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ نائون مل جي ڏاڏي ڪراچي بندر جو بنياد رکيو. 32 ايڪڙ ايراضي تي ڪوٽ ڏياري شهر آباد ڪيو انهيءَ ڪوٽ جا ٻه دروازا هئا هڪ دروازو منگهي پير ڏانهن کلندو هو اتي مٺي پاڻي جا کوھه هئڻ ڪري مٺو در سڏيو ويو ۽ سمنڊ ڏانهن کلندڙ دروازي جو نالو کارو در رکيو ويو. ان کان اڳ ڪلاچي جي ڪن ڀر سان اوڀايو ملاح جو ڳوٺ هو جنهن جا ڇھه پٽ مانگر مڇ ڳڙڪائي ويو هو. دلو راءِ جي حڪومت جو دؤر جو قصو آهي. اوڀائي جي معذور پٽ مورڙي پنهنجي ڏاهپ سان لوهي پڃرو ٺهرائي ڪلاچي جي ڪن ۾ مانگر مڇ کي ماري پنهنجي ڇهن ڀائرن جا لاش مڇ جي پيٽ مان ڪڍيا، جن جون قبرون اڄ به ڪراچي شهر ۾ موجود آهن. انهي ڪارنامي جي ڪري ڪراچي کي اڄ به مورڙي جو ماڳ سڏيو وڃي ٿو.

آڳاٽي دؤر ۽ هن جديد دؤر ۾ به لکين ماڻهن جو گذر سفر مڇي مارڻ تي آهي. لطيف سائين انهن سامونڊي مهاڻن وڻجارن سان گڏ رهي سمنڊ ۽ درياهن جو مشاهدو ڪري انهن جي خطرن کان سنڌي ماڻهن کي هوشيار رهڻ جي تلقين ڪئي آهي. ان پراڻي دؤر جا ناکئا نگهبان پنهنجا ٻيڙا تڏهن هاڪاريندا هئا جڏهن سمنڊ ۾ ماٺار هوندي هئي. اڄ جي جديد دؤر ۾ ڪميونيڪيشن جا جديد طور طريقا موجود آهن، موسميات کاتا موجود آهن، جيڪي اڳواٽ اطلاع ڏئي ٿا ڇڏين ته فلاڻن ڏينهن ۾ سمنڊ ۾ چاڙھه هوندو، تنهن ڪري ملاحن کي احتياطن سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ان تي عمل ڪو نه ٿو ٿئي. اهي ڪروڙين روپين سان قائم ٿيل ادارا بي خبر مهاڻن کي خطرن کان بچاءَ لاءِ آگاھه نٿا ڪن تنهن ڪري اڄ جي جديد دؤر ۾ به سمنڊ ۾ ڪم ڪندڙ مهاڻا بي موت مري رهيا آهن، جنهن جو مثال ڪيٽي بندر تان شڪار تي ويندڙ ملاح موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن. آئون چوان ٿو ته اهي ملاح ۽ سامونڊي جي رڳو لطيف سائين جو مطالعو ڪن ۽ ان جي ڏسيل واٽ تي هلن تڏهن به موت جي منهن کان بچي سگهن ٿا. لطيف سائين قدم قدم تي رهنمائي ڪري ٿو سر گهاتو ۾ فرمائي ٿو ته

اوري هُئا ته آيا،جيڪس ويا پري،

ساٿِي سَڏ ڪري،ماڳَ نهاري موٽيا

ڪَو جَو قَهَرُ ڪَلاچَ ۾، جَو گهڙي سَو نئَي

خَبَرَ ڪَو نَه ڏئَي,رَڇَ ڪُڄَاڙي رَنڊيَا !

ان سڄي صورتحال تي نظر وجهجي ٿي ته اڄ کان هزارين سال پهرين سنڌ جا ناکئا ۽ وڻجارا موسمن کان بخوبي واقف هئا ۽ هوائڻ جا رخ ڏسي ٻيڙا هاڪاريندا هئا ۽ خطرو محسوس ڪندا هئا ته ڪو محفوظ هنڌ ڏسي ٻيڙن کي لنگر انداز ڪندا هئا ۽ سڻائي هوا لڳڻ جو انتظار ڪندا  هئا۽ جڏهن موسم صحيح ٿيندي هئي ته وري روانا ٿيندا هئا. هوائن جي رخ تي ٻيڙا هلندا هئا تنهن ڪري سفر ۾ پرڏيھه کان واپار ڪري ڇهن مهينن کانپوءِ موٽندا هئا پر اڳيان پويان درياھه جو رخ ڏسي پوءِ پنهنجا ٻيڙا هاڪاريندا هئا. تنهن جي معنيٰ ته اڄ جي دؤر ۾ جديد سهولتن هوندي به اسان جا ماڻهو سلامت نه آهن ان کان پراڻي دؤر وارا وڌيڪ ڏاها ۽ سمجهدار هئا. اڄ الائي ڪيترا ادارا آهن نيوي آهي موسميات ۽ ماحوليات وارا آهن پر انهن جو ڪو به خاطر خواهه نتيجو نظر ڪو نه ٿو اچي.

تنهن ڪري اسان ايئن ٿا سمجهون ته اهي ادارا ناڪارا ۽ نااهل آهن، ناڻي جو زيان آهن جيڪي غريب ملاحن کي بچائي ته نه سگهيا پر هيترن ڏينهن گذرڻ باوجود انهن جا لاش به هٿ نه ڪري سگهيا آهن. اڄ به پاڪستان جا هزارين مهاڻا انڊيا جي جيلن ۾ قيد آهن انهن جي آزادي لاءِ به ڪي اپاءَ نٿا ورتا وڃن. جڏهن ته تازو ڪراچي ۾ قيد هندستاني مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي. اسان جي سرڪار سڳوري کان ايترو به نٿو پهچي ته هتان آزاد ٿيندڙ مهاڻن جي عيوض انڊيا مان به اوترا سنڌي مهاڻا آزاد ڪرائڻ جي ڳالھه ڪري. مرشد لطيف انهي سڄي معاملي کان بخوبي واقف هو تنهن ڪري هيئن چئي ويو آهي ته

دهشت دم درياھه ۾ جتي جايون جانارن

نڪو سندو سير جو مپ ملاحن

درندا درياھه ۾ واڪا ڪريو ورن

سڄا ٻيڙا ٻار ۾ هليا هيٺ وڃن

پرزو پيدا نه ٿئي تختو منجهان تن

ڪو جو قهر ڪنن ۾ ويا ڪين ورن

اتي اڻ تارن ساهڙ سير لنگهائي تون