اهڙي رحمدلي ۽ بهادري…!

0
31
اهڙي رحمدلي ۽ بهادري...!

  اڄ محترمه بينظير ڀٽو جو 69هون جنم ڏينهن آهي، هوءَ ڪيتري قدر رحمدل هئي ۽ ڪيتري قدر هن بهادري سان ظلم،ظالم، تڪليفن ۽ ڏکيائين جو مقابلو ڪيو. اڄوڪو ڏينهن اها حقيقيت سمجهڻ جو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ موت جي ڪال ڪوٺڙي ۾ ويهي پنهنجي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي هڪ خط لکيو هو، جيڪو “منهنجي سڀني کان پياري ڌيءَ” جي نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. ان خط ۾ شهيد ڀٽو پنهنجي نياڻي کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته “ 1957ع جي سياري جي موسم ۾ جڏهن تون چئن سالن جي هئين ته اسان ” المرتضيٰ” جي بلند چبوتري تي ويٺا هئاسين، صبح جو وقت تمام خوشگوار هو منهنجي هٿ ۾ دونالي بندوق هئي، هڪ بيرل 22 ۽ ٻيو 480 جو هو، مون بنا سوچي سمجھي هڪ جھنگلي طوطو ماري وڌو جڏهن طوطو چبوتري ويجھو ڪريو ته تو رڙ ڪئي، تو ان کي پنهنجي موجودگي ۾ دفن به ڪرايو ۽ تون لاڳيتو روئيندي رهينءَ. تون ماني کائڻ کان به انڪار ڪيو هو هڪ مرده طوطي 1957ع جي سياري جي موسم ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ٻارڙيءَ کي روئاري ڇڏيو هو. 21 سالن بعد اها ٻارڙي هڪ نوجوان ناري بڻجي وئي آهي جنهن جا حوصلا فولادي آهن ۽ جيڪا ظلم جي ڊگھي رات ۾ دهشتگرديءَ جو بهادري سان مقابلو ڪري رهي آهي.”

هڪ پکيءَ جي موت تي ماتم ڪندڙ انتهائي رحمدل ڇوڪريءَ تاريخ ۾ بهادري جا اُهي مثال قائم ڪيا، جيڪي شايد ئي ڪو ڪري سگھندو. اُن ئي ڇوڪريءَ ٻن فوجي آمرن جو مقابلو ڪيو. ان ئي دهشتگردن کي للڪاريو، جن جي پٺڀرائي عالمي طاقتون ۽ پاڪستان ۾ سندن ڪارندا ڪري رهيا هئا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن سياست جي شروعات ڪئي ته پوري دنيا ۾ سياسي قوتن لاءِ تاريخ جو سڀني کان ڏکيو وقت شروع ٿي چڪو هو. 3 اپريل 1979 تي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي امڙ بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ پنهنجي والد سان آخري ملاقات ڪري رهي هئي ته دنيا ۾ سرد جنگ جو دور پنهنجي پڄاڻي ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو هو. سلاخن جي هڪ پاسي زمين تي ذوالفقار علي ڀٽو ويٺو هو، جنهن کي ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ ڦاهيءَ تي چڙهڻو هو ٻئي پاسي شهيد بي بي ۽ ان جي والده هئي. ٻنهي پاسي جنهن ڏک ۽ درد جو احساس هو، اهو صدين تائين الميه شاعري ۽ دردناڪ گيتن ۾ بيان ٿيندو رهندو. شهيد ڀٽو پنهنجي گھرواريءَ ۽ سڀ کان پياري ڌيءَ کي مخاطب ڪندي چيو ته “اوهان ٻنهي تمام گھڻيون تڪليفون سٺيون آهن اِهي اڄ مون کي قتل ڪرڻ وڃي رهيا آهن مان اوهان کي اوهان جي مرضيءَ تي ڇڏيان ٿو، جيڪڏهن اوهان چاهيو ته پاڪستان مان ان وقت تائين ٻاهر هليا وڃو، جيستائين آئين معطل آهي ۽ مارشلا لاڳو آهي. جيڪڏهن اوهان کي ذهني سڪون گھرجي ۽ زندگي نئين سر گذارڻ چاهيو ٿيون ته يورپ هليا وڃو.

مون پاران اجازت آهي”. بيگم نصرت ڀٽو جواب ڏئي ٿي ته “نه نه اسين نٿا وڃي سگھون، اسان ڪڏهن به نه وينداسين، جرنيلن کي ڪڏهن به اهو تاثر نه ڏينداسين ته اُهي کٽي ويا آهن” شهيد ڀٽو بعد ۾ پنهنجي ڌيءَ بينظير سان مخاطب ٿيندو آهي “۽ پنڪي تون! “شهيد بي بي چوندي آهي ته: “مان ڪڏهن به نٿي وڃي سگھان” اُن گهڙيءَ ۾ جيل سپريٽينڊنٽ پڪاري ٿو ته “وقت ختم ٿي چڪو آهي.” جِتان تاريخ ۾ بهادريءَ جي هڪ ٻي داستان شروع ٿئي ٿي. شهيد محترمه بينظيرڀٽو جڏهن پنهنجي والده کان پيپلز پارٽي جي قيادت سنڀالي ته سردجنگ جي دور جو خاتمو ٿي چڪو هو، دنيا ۾ يونيپولر سسٽم لاڳو ٿي چڪو هو. آمريڪا دنيا جو واحد سپر پاور بڻجي چڪو هو، ڪجھه عرصي بعد سوويت يونين به ٽٽي ويو. ٽئين دنيا ۾ عوام دوست، ترقي پسند ۽ اعتدال پسند سياسي قوتن لاءِ تمام ڏکيو وقت شروع ٿي ويو. پوري دنيا ۾ جمهوري قوتون ڪمزور ٿي ويون نوآبادياتي تسلط خلاف آزاديءَ جون تحريڪون به ڪمزور ٿي ويون. سوشلسٽ انٽرنيشنل جو به اُهو ڪردار نه رهيو. پوري دنيا ۾ عوام دوست قوتن جي وچ ۾ رابطا به ڪمزور ٿي ويا ۽ هو پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ آمراڻي ۽ سامراجي قوتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڪيليون رهجي ويون.

شهيد محترمه بينظيرڀٽو کي پاڪستان ۾ جنرل ضياءُ الحق جي آمراڻي حڪومت جي ظلمن ۽ تڪليفن جو ان ڪري به وڌيڪ مقابلو ڪرڻو پيو جو پاڪستاني خطو آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي فرنٽ لائين اسٽيٽ بڻجي ويو هو. پاڪستان جي حڪمرانن افغانستان ۾ عالمي طاقتن جي جنگ ۾ پوري ملڪ کي ڌِڪي ڇڏيو هو. عوام دوست سياسي قوتن لاءِ جيتريون مشڪل حالتون پاڪستان ۾ هيون شايد ٽئين دُنيا ۾ ڪٿي به نه هيون. ان هوندي به شهيد محترمه بينظيرڀٽو حالتن جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ ( ايم آر ڊي) جي پليٽ فارم تان پاڪستاني قوم کي منظم ڪيو. ان ئي دوران ٽئين دنيا جي سياست ۾ دهشتگردي جو عنصر شامل ٿيو ۽ دهشتگردن “غير رياستي قوت” طور عوام دوست ۽ ترقي پسند قوتن خلاف ڪارروايون ڪيون ۽ انهن کي نقصان رسايو.

هي اهو دور هو جنهن ۾ شهيد محترمه بينظيرڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪوڙي ڪيسن کي منهن ڏنو. جيل جون سختيون برداشت ڪيون ڪيترن ئي ڪارڪنن پنهنجي پٺيءَ تي ڪوڙا کاڌا ۽ ڪجھه ڪارڪن ته ڦاهي به چڙهي ويا. اهو خوف ۽ دهشت جو دور هو، شهيد بي بي ان دور کان پاڪستان کي ٻاهر ڪڍيو ۽ مشڪل جدوجهد کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرائي، پر اهو جمهوري دور گھڻو عرصو نه رهيو ان ۾ به ٽن جمهوري حڪومتن کي هٽايو ويو ۽ چوٿين جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري هڪ جنرل پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. پرويز مشرف جو دور عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي قوتن لاءِ جنرل ضياءَ جي دور کان به وڌيڪ مشڪل ٿي ويو. پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ۾ وڙهي ويندڙ عالمي طاقتن جي جنگ جو ٻارڻ بڻايو ويو. سياست کي غير رياستي قوتون يعني دهشتگرد ئي ڪنٽرول ڪندا هئا ۽ دنيا ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي تي هڪ نئون ضابطو لاڳو ڪيو ويو جنهن ۾ دهشتگرد ئي فيصلا ڪن ڪردار هئا.

ٽئين دنيا خاص ڪري پاڪستان ۾ عوامي سياست ڪرڻ رسڪ بڻجي ويو هو. پاڪستان جا حڪمران دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران عوام دوست ۽ ترقي پسند قوتن کي چٿڻ ۾ مصروف هئا ۽ دهشتگرد ان ڪم ۾ سندن مددگار هئا. اهڙين حالتن ۾ به شهيد محترمه بينظيرڀٽو پاڪستان واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عوام جي جمهوري حقن جي جدوجهد ۾ اڳواڻي ڪئي. هوءَ ڄاڻي پئي ته ملڪي ۽ بين الاقوامي طاقتون اهو سڀ برداشت نه ڪنديون ۽ دهشتگردن جي ڪُلهي تي بندوق رکي کيس نشانو بڻائينديون. هن 18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپسي کان پهرين چيو هو ته منهنجي جان کي خطرو آهي. هن اهو به ٻڌايو هو ته کيس ڪهڙن ماڻهن کان خطرو آهي پوءِ به هوءَ پاڪستان آئي. هڪ حملو مٿس 18 آڪٽوبر تي ٿيو تنهن هوندي به هن عوام سان پنهنجي رابطا مهم جاري رکي، 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ عظيم الشان جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته “منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ عوام ساڻ آهي” ۽ پوءِ هُن بهادري سان حالتن جو مقابلو ڪندي عوام وچ ۾ ئي پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي. هڪ پکيءَ جي موت تي روئڻ واري هڪ هٿين خالي ڇوڪريءَ آمرن، دهشتگردن ۽ سامراجي قوتن جو جهڙي ريت مقابلو ڪيو تاريخ کي هميشه ان تي فخر رهندو.