اهڙيون ڳالهيون ڇو، جو سوال پيدا ٿين !؟

0
49

جيڪو معاملو ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ هو،  اهو ڪالهه کان وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ روايتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميديا تي به بحث هيٺ اچي ويو آهي .ڪجهه معاملا اهڙا هوندا آهن جيڪي معمولي ۽ عام حالتن ۾ به  ملڪي مفاد جي ڪري عام بحث هيٺ  نه آڻبا آهن  پر حڪومتي ۽ ادارتي سطح تي انهن تي سنجيدگي سان بحث ۽ صلاح مصلحت ڪري اڪلايو ويندو آهي. هن وقت خطي جي صورتحال ۽ ان جي پوندڙ اثرن سبب ملڪي حالتون به غير معمولي آهن جنهن ڪري ڪي به اٻهرائي ۽ تڪڙ ۾ کنيل قدم يا ان جو ردعمل انهن حالتن کي اهڙي هنڌ پهچائي سگهي ٿو جيڪو نقصانڪار ٿي سگهي ٿو ۽ انهي جا اثر دير تائين نظر ايندا. سڄي دنيا جون نظرون خطي جي صورتحال سبب اسان جي ملڪ تي کتل آهن ۽ انهي دوران جيڪڏهن شيون منجهيل هجن ته اهي ڪنهن به ريت فائديمند نه ٿيون ٿي سگهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ عسڪري ادارن ۾ روايتي بدلين ۽ مقررين جو انهي اداري جي ترجمان طرفان بيان جاري ڪيو ويو پر جڏهن حساس اداري ۾ مقرري بابت نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته سوشل ميڊيا تي انهي تي هڪڙو بحث شروع ٿي ويو ۽ افواهه گردش ڪرڻ لڳا ته ڪٿي سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ ڪي اختلاف ته ناهن،جو دير ٿي رهي آهي. انهي دوران وفاقي وزيرن  به بال هڪٻئي ڏانهن اڇلائڻ شروع ڪيو ته افواهه وڌيڪ تيز ٿي ويا ۽ سوشل ميڊيا تي هر ڪو پنهنجي سمجهه آهر ۽ ڪي ماڻهو وري عادت مطابق ان ۾ سازشون ڳولڻ ۾ لڳي ويا. پر ڪالهه وزيراعظم جي حوالي سان ان صورتحال بابت هڪ بيان ٽي وي چئنلز تي هلڻ شروع ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته وزيراعظم ڪابينا کي ان معاملي تي اعتماد ۾ ورتو آهي ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفڪيشن واري معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪُشش نه ڪئي وڃي،اسان هڪ پيج تي آهيون ۽ اهو معاملو خوش اصلوبي سان  حل ٿي ويندو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپُوءِ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير   ڊي جي آءِ ايس آءِ جي تقرري جي معاملي تي ملڪي سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾  اختلافن جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته سول ۽ ملٽري قيادت هڪ پيج تي آهي ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي تقرري تي قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو. هن چيو ته ڊي  جي آءِ ايس آءِ جي تقرري تي ٻنهي ۾ اتفاق راءِ آهي ۽ انهي ۾ اٿارٽي وزيراعظم جي آهي. وفاقي وزير جيڪي ڳالهيون ڪيون انهي سان ڪير اختلاف نه ٿو ڪري سگهي پر اصل مسئلو اهو آهي ته جڏهن خطي ۾ صورتحال منجهيل هجي ان وقت هڪڙي حساس اداري جي اهم پوسٽ جي تقرري جو نوٽيفڪيشن ڪڍڻ ۾ ايتري دير ڇالاءِ؟  جنهن سان افواهه ۽ مخالفن کي کيڏڻ جو موقعو مليو. ڪابينا اجلاس کانپوءِ وفاقي وزير  ڪجهه اهڙيون به ڳالهيون ڪيون جنهن سان وڌيڪ سوال پيدا ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪو مسئلو ناهي ته پوءِ اهو معاملو خوش اصلوبي سان حل ڪرڻ جي ڳالهه ڇو ڪئي وئي؟ جيڪڏهن ٻنهي قيادتن ۾تقرري تي اتفاق راءِ آهي ته پوءِ حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن ڪڍڻ ۾ دير ڇا جي لاءِ ٿي رهي آهي ۽ هن وقت وفاقي وزير کي اهو چوڻ جي ضرورت پيش ڇو آئي ته ڊي جي  آءِ ايس آءِ جي تقرري جي اٿارٽي وزيراعظم جي آهي؟ اهو ته هر سياسي ماڻهو ۽ ٿورو به شعور رکندڙ ماڻهو سمجهي ٿو ته پوءِ  ڇا انهي اٿارٽي کي ڪنهن چئلينج ڪيو هو جو اهو چوڻ جي ضرورت پيش آئي .

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن ۾ دير ئي معاملي کي افواهن جي ور چاڙهيو آهي جنهن سان ڪيترائي ئي سوال پيدا ٿيا آهن. ادارن ۾ فردن جون مقرريون بدليون ٿينديون رهنديون آهن اهو ڪو ايڏو وڏو مسئلو ناهي پرجنهن نموني هن معاملي کي هينڊل ڪيو ويو آهي انهي سان هڪڙي افواهن جي فيڪٽري جنم ورتو. تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد انهي معاملي کي خوش اصلوبي سان حل ڪري جيئن افواهه دم ٽوڙي ڇڏين.