لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ جميعت علماءِ اسلام ضلعي طرفان ضلعي امير مولانا ناصر خالد محمود سومرو جي صدارت ۾ ٻه روزه ورڪشاپ جامعه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث دودائي روڊ تي ڪوٺايو ويو. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي مولانا راشد خالد محمود سومرو ۽ مولانا ناصر خالد محمود سومرو ۽ ٻين چيو ته حڪومتي پاليسين امن امان تباهه ڪري ڇڏيو ۽ عوام کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان هٿن مان نڪري رهيا آهن. هنن چيو ته سنڌو درياءَ تي تڪراري ڪئنال منصوبي سان سنڌ واسي سراپا احتجاج آهن ۽ هر هنڌ ڌرڻا ۽ احتجاج ڪري ڪئنال نامنظور جا نعرا لڳائي حڪومت وقت کان ڪئنال منصوبو واپس وٺڻ جي اپيل ڪري رهيا آهن، پر حڪومت اگهور ننڊ ستل آهي ان لاءِ سنڌ ۾ اهڙيون حالتون نه ڪيون وڃن جو سنڌ جا ماڻهو باغي بڻجي وڃن.