اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف ليول پلينگ فيلڊ ڪيس لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي، لطيف کوسه چيو ته تحريڪ انصاف کان فيلڊ ئي کسي وئي آهي. سپريم ڪورٽ13 جنوري تي اهڙو فيصلو ڏنو جو پي ٽي آءِ وکرجي وئي، هاڻ ڪهڙي اميد ڪجي ته ليول پلئينگ فيلڊ ملندي، چيف جسٽس چيو ته فيصلي جو ملبو اسان تي نه وجهو، بار بار چيو انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرايو، اوهان کي فيصلو پسند ناهي ته ڪجهه نٿا ڪري سگهون. چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسه پيش ٿيو ۽ چيو ته جمهوريت ۽ عوام جي بقا لاءِ عوام جي عدالت ۾ وڃڻ چاهيون ٿا، مون کي درخواست واپس وٺڻ جون هدايتون مليون آهن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا يا نه؟ توهان کي عدالت جي فيصلي کي قبول ڪرڻو آهي ته ڪريو، ناهي ڪرڻو ته نه ڪريو. لطيف کوسه چيو ته اسان ليول پلئينگ فيلڊ گهري توهان پي ٽي آءِ کان فيلڊ ئي کسي ورتي آهي. تحريڪ انصاف وکرجي وئي، اليڪشن ڪميشن رڳو چونڊ نشان واپس وٺي سگهي ٿي، هڪ پارٽي کي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪڍي پابندي لڳائي پئي وڃي. پي ٽي آءِ جا سمورا اميدوار آزاد چونڊ وڙهندا ۽ مونجهاري جو شڪار ٿيندا، لطيف کوسه چيو ته اسان کي اتحاد به نه ڪرڻ ڏنو ويو، چونڊون مڪمل طور تي غير منصفاڻيون آهن، اسان عدليه لاءِ رت ۽ قربانيون ڏنيون آهن، چيف جسٽس چيو ته هاڻي توهان اسان کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيو، هن ڪيس ۾ ٻين ڳالهين تي ڳالهائڻ مناسب ناهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو ملبو اسان تي نه وجهو. بار بار چيو هو ته انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن چوندي رهي ته پارٽي چونڊون ڪرايون وڃن پر اهي نه ٿيون. ڪنهن سياسي پارٽي تي اعتراض آهي ته درخواست کڻي اچو. اسان جي سامهون اليڪشن جو معاملو اٿاريو ويو، اسان تاريخ ڏني، ڇا توهان تاريخ ڏئي سگهيا؟  اسان قانون نه ٿا ٺاهيو، قانون تي عملدرآمد ڪرائيندا آهيون، جيڪڏهن توهان کي قانون پسند نه آهي ته ان کي تبديل ڪريو. اوهان کي  فيصلو پسند ناهي ته ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون، چيف جسٽس پڇيو ته ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا يا نه؟ لطيف کوسه چيو توهان جي وڏي مهرباني، هدايت ملي آهي ته درخواست واپس ورتي وڃي، چيف جسٽس چيو ته قانون اسان نه ٺاهيندا آهيون، اُن تي عمل ڪرائيندا آهيون، توهان کي قانون نٿو وڻي ته تبديل ڪري ڇڏيو، اسان جو فيصلو مڃڻو آهي ته مڃو، نٿا مڃو ته توهان جي مرضي آهي. اسان ليول پلينگ فيلڊ تي حڪم جاري ڪيو هو، عدالت حڪم ڏئي سگهي ٿي، حڪومت نٿي بڻجي سگهي. لطيف کوسه چيو ته اليڪشن ڪميشن عوامي نيشنل پارٽي کي چونڊ نشان واپس ڪيو، تحريڪ انصاف ڇو نه؟ چيف جسٽس چيو ته اسان کي ڪالهه معلوم ٿيو ته عوامي نيشنل پارٽي جي آئين موجب اڃا به وقت آهي، ان بنياد تي اليڪشن ڪميشن عوامي نيشنل پارٽي کي نشان واپس ڪيو، لطيف کوسه صاحب اهو درست طريقو ناهي، اوهان سينيئر وڪيل آهيو، پاڪستان جا سمورا ادارا تباهه ڪري رهيا آهيو. جسٽس مسرت هلالي چيو ته اليڪشن ڪميشن اختيارين کي چيو ته اليڪشن ڪميشن فيئر ناهي. اليڪشن ڪميشن هڪ پارٽي جي پويان ڀڄي رهيو آهي. ان کي ٻيون سياسي جماعتون نظر نه پيون اچن. عدالت درخواست واپس وٺڻ تي خارج ڪري ڇڏي.