لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي نوجوان فاسٽ بالر علي رضا چيو آهي ته هو اهڙو بالر بڻجڻ چاهي ٿو، جنهن کي ماڻهو سندس صلاحيتن جي ڪري ياد رکن.اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪئمپ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي رضا چيو ته هو مڪمل طور فٽ آهي ۽ کيس اکين جي حوالي سان ڪو به مسئلو ناهي.علي رضا ٻڌايو ته ” ڪئمپ ۾ سڀني جي سامهون محنت ڪري رهيو آهيان، هي منهنجي پهرين ڪئمپ آهي ۽ مان پنهنجي خامين تي ظابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.“هن وڌيڪ چيو ته ”مان ملڪ لاءِ بهترين کان بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهيان ٿو، اين بشپ جهڙو وڏو ڪرڪيٽر منهنجي واکاڻ ڪري ٿو ته اها مون لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي.“واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ ۾ پشاور زلمي جي نمائندگي ڪندڙ علي رضا ملتان سلطانز خلاف هڪ ميچ ۾ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي سڀني جي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو هو.