الاسڪا (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا جي انتهائي اتر ۾ واقع ڳوٺ ۾ ڪيترن هفتن لاءِ رات جي اوندهه ڇانئجي چڪي آهي، جي ها واقعي آمريڪي رياست الاسڪا جي هڪ ڳوٺ Utqiagvik ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ لهي ويل سج هاڻي جنوري جي آخر ۾ اڀرندو، ان ڳوٺ ۾ 18 نومبر تي هلندڙ سال آخري ڀيرو سج لٿو، هاڻي ان ڳوٺ ۾ 22 جنوري 2025 تائين رات جي اوندهه ڇانيل رهندي يا ايئن کڻي چئو ته 64 ڏينهن تائين اتي رهندڙن لاءِ سج لهڻ جو منظر ڏسڻ ممڪن نه هوندو، 4 هزار ماڻهن جي ان ڳوٺ ۾ 18 نومبر تي منجهند 12 لڳي 35 منٽن تي سج اڀريو ۽ 30 منٽن بعد لهي ويو، جنهن بعد ڊگهي قطبي رات جي شروعات ٿي وئي، آرڪٽڪ سرڪل ۾ واقع ان ڳوٺ کي هر سال قطبي رات جو تجربو ٿيندو آهي، ايئن ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن زمين محور تي ڪجهه جهڪي ويندي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ آرڪٽڪ سرڪل ۾ سياري جي مموسم دوران سج ڪيترن هفتن تائين لٿل رهندو آهي، ان جي مقابلي ۾ گرمين ۾ ان خطي ۾ سج جي روشني 24 ڪلاڪن تائين برقرار رهندي آهي ۽ ان کي “مڊ نائٽ سن” چيو ويندو آهي، ياد رهي ته زمين جي اتر اڌ حصي ۾ جون جي آخر ۾ ڏينهن جو وقت گهٽ ٿيڻ لڳندو آهي پر اتر وارن علائقن تي اهو اٿر وڌيڪ نمايان هوندو آهي، اتي ڏينهن جو وقت سيپٽمبر ۾ ئي وڌيڪ گهٽجي ويندو آهي، 2 مهينا ڊگهي رات دوران الاسڪا جي ان ڳوٺ ۾ سج جي روشني ڪنهن حد تائين نظر ايندي پر اها معمول جي سج لهڻ يا اڀرڻ جهڙو منظر نه هوندو، مقامي ماڻهن موجب ڪيترن هفتن تائين ڇانيل رهندڙ اوندهه سان اتي رهندڙ ماڻهن کي وٽامن ڊي جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهو الاسڪا جو واحد ڳوٺ آهي، جنهن کي قطبي رات کي منهن ڏيڻو پوندو، پر سڀ کان وڌيڪ اتر ۾ هجڻ سبب پهرين جڳهه ضرور آهي.