ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) جنريٽو آرٽيفيشل انٽريليجنس (جي اي آءِ) ڪيترين ئي صنعتن ۽ سروسز جو حصو بڻجي چڪي آهي ۽ ان ٽيڪنالاجي تي تمام گهڻي سيڙپڪاري به ڪئي پئي وڃي، فنون لطيفه يا آرٽ جي دنيا ۾ به اها ٽيڪنالاجي تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، ڪجهه فنڪارن طرفان ان کي پنهنجا فن پاره تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪيترائي فنڪار اهڙا آهن، جيڪي ان ٽيڪانالاجي سان دنگ رهجي ويا آهن، هاڻي هڪ اي آءِ آرٽسٽ بوٽو سامهون آيو آهي، جيڪو 2021ع کان هيل تائين پنهنجون تصويرون وڪرو ڪري 50 لک ڊالرز کان وڌيڪ ڪمائي چڪو آهي، بوٽو جي ويب سائيٽ تي ان کي ڊي سينٽرلائزڊ خودمختيار آرٽسٽ قرار ڏنو ويو آهي ۽ ماڻهن جو هڪ گروپ ووٽنگ ذريعي سندس تصويرون چونڊيندو آهي، جن کي هر هفتي نيلام ڪيو ويندو آهي، اهو ئي گروپ اهو طئي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي ته اي آءِ آرٽسٽ کي وڌيڪ ڇا بڻائڻ گهرجي، بوٽو جي آپريٽرز سائمن هڊسن ٻڌايو ته جيڪڏهن بوٽو جو ڪوئي مقصد سوچيو وڃي ته پهريون هدف ته هڪ آرٽسٽ طور تي پاڻ کي مڃرائڻ آهي ۽ ٻيو ڪامياب آرٽسٽ بڻجڻ آهي، هن اي آءِ فنڪار کي سافٽ ويئر ڪمپني اليون يلو ۽ جرمن آرٽسٽ ۽ ڪمپيوٽر پروگرامر ماريو ڪلينگمان ڊزائن ڪيو آهي، جيڪو هڪ الگورٿم ذريعي تصويرون پينٽ ڪندو آهي. هر هفتي اهو اي آءِ آرٽسٽ 70 هزار تصويرون تيار ڪري وٺندو آهي، جنهن مان 350 تصويرن کي هر 5 هزار ماڻهن تي مشتمل گروپ BottoDAO جي سامهون پيش ڪيو ويندو آهي، اهو گروپ سون مان هڪ تصوير جي چونڊ ووٽنگ ذريعي ڪندو آهي، جنهن کي هڪ اين ايف ٽي آڪشن ڪندڙ پليٽ فارم ۾ وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويندو آهي، نيلامي مان حاصل ٿيندڙ اڌ رقم ان گروپ جي ووٽرز ڏانهن ويندي آهي، جڏهن ته باقي بوٽو جي خزاني ۾ جمع ٿي ويندي آهي، جنهن کي آپريٽنگ خرچن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، بوٽو ووٽنگ ڊيٽا کي استعمال ڪري اهو فيصلو ڪندو آهي ته وڌيڪ ڪهڙيون تصويرون تيار ڪرڻ گهرجن، ماريو ڪيلنگمان جو مڃڻ آهي ته ويجهي مستقبل ۾ اي آءِ ۽ مشين لرننگ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي سبب بوٽو جهڙا مشيني آرٽسٽ انسانن اکن وڌيڪ دلچسپ فن پارا تيار ڪري سگهندا.