حيدرآباد(رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ مزاحمتي ڀلوڙ شاعر آڪاش انصاري پٽ جي روپ نانگ پاليو جنهن کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پاليل پٽ کيس قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار ڊي ايس پي سي آء اي افتخار ٻرڙو ۽ ٻين سان گڏجي پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آڪاش انصاري کي سندس نپايل پٽ قتل شاھ لطيف انصاري قتل ڪيو آھي جنھن جو ھن اعتراف ڪيو آهي. ھن چيو جوابدار جو چوڻ آهي ته ساڻس آڪاش جو رويو ٺيڪ نه ھو انڪري گھڻي وقت کان تڪليف ٿي رهي هئي ان ڪري قتل ڪيو آھي. ايس ايس پي چيو ته لطيف پھرين آڪاش کي قتل ڪيو ڪمري جو دروازو لاڪ ڪري ڪنھن دوست وٽ ھليو ويو، جتان 5 ڪلاڪن بعد واپس اچي واقعي کي شارٽ سرڪٽ رنگ ڏيڻ لاءِ باھه ڏئي ساڙيو ويو. ھن چيو ته آڪاش جي ڪمري ۾ الاھي رت پيل ھو جنھن مان اھو ظاھر ٿيو ته قتل آھي. آڪاش جي قتل جو اڪيلو لطيف ئي قاتل آهي. ھن مقصد بيان ڪيو ته سندس تذليل ڪئي ويندي ھئي ان ڪري سندس دل ۾ خراب جذبا پيدا ٿيا. ھن چيو ته ڪنهن ماڻھو کي بيدردي قتل ڪندڙ ماڻھو جي نفسياتي حالت ٺيڪ ته نه ٿي ٿي سگهي. ھن چيوته قتل رات جو ھڪ وڳي ٿيو آهي ۽ ساڙيو صبح جو ويو آهي. پھرين ته ھن ڏوھ نه پئي باسيو پوءِ اسان فون لوڪيشن ٽريس ڪئي. رات جو ھڪ وڳي گھران نڪتو آهي وري صبح 5 وڳي پھتو آھي. ھو جنھن دوست وٽ ويو ھن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي ته ھن اھو اعتراف ڪيو جنهن وقت لطيف وٽس پھتو ته سندس پيرن تي رت لڳل ھو. مون پڇيو ته هن چيو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي ۽ ھو پير ڌوئي آيو جنهن کانپوءِ جوابدار پنھنجو ڏوھ قبول ڪيو آھي. هوڏانهن مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل ڪيس سندس ماروٽ ابراهيم پٽ جان محمد انصاري جي مدعيت ۾ قلم 302, 201 پي سي آر ڊبليو 7 اي ٽي اي تحت آڪاش انصاري جي نپايل پٽ شاهه لطيف انصاري مٿان داخل ڪيو ويو آهي.
پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ موت جو ڪارڻ ڳجھو رکيو ويو
حيدرآباد(م ڊ) ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي پوسٽ مارٽم بابت اهم انڪشاف ٿيا آهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڪجهه شيون لڪايون ويون آهن. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جسم تي 12 گھاءُ هئا. مري وڃڻ کان پوءِ سندس لاش کي ساڙيو ويو. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ مرڻ جو سبب ڳجھو رکيو ويو آهي. آڪاش جون پاسراٽيون ڀڳل هيون، 12 مان 8 گهاءُ انتهائي گھرا هئا. ڪجھه گھاءُ اهڙا هئا جيڪي ڦڦڙن تائين هليا ويا هئا. ڊاڪٽر آڪاش جو نڙگهٽ به هڪ گھاءُ سان ڪٽجي ويو هو. ڊاڪٽر آڪاش جي جسم جا جزا اڄ ليبارٽري ڏانهن اماڻيا ويندا. ٽن ڏينهن کان پوءِ رپورٽ پڌري ڪئي ويندي.
پٽ جو اولاد نه ٿيڻ تي آڪاش انصاري لطيف کي هنج ورتو: ايف آءِ آر
حيدرآباد: مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قتل ڪيس سندس ماروٽ ابراهيم پٽ جان محمد انصاري جي مدعيت ۾ قلم 302, 201 پي سي آر ڊبليو 7 اي ٽي اي تحت آڪاش انصاري جي نپايل پٽ شاهه لطيف انصاري مٿان داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته پٽ جو اولاد نه هئڻ جي ڪري ڊاڪٽر آڪاش انصاري لطيف کي هنج وٺي پاليو هو جيڪو وڏو ٿي نشو واپرائڻ لڳو ۽ 2024ع ۾ هن ڊاڪٽر آڪاش جا پيسا چوري ڪيا هئا جنهن جو ڪيس به ڄاڻايل ٿاڻي تي داخل ٿي آهي. ان ڳالهه تان لطيف آڪاش انصاري کان ناراض هو ۽ هو کيس جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهندو هو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته آڪاش انصاري بدين آيل هو. 14 فيبروري تي هو پنهنجي سچل آباد قاسم آباد مسواڙ واري گهر واپس آيو ته کيس قتل ڪيو ويو ۽ پوليس ابتدائي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته کيس تيز ڌار واري اوزار سان گهاءُ ڏئي موت رسايو آهي ۽ ڏوهه لڪائڻ لاءِ پيٽرول سان باهه ڏئي لاش جي تذليل ڪري خوف ۽ حراس پکيڙيو آهي ان ڪري فرياد آهي ته قاتل کي ڪيفر ڪردار تائين رسايو وڃي.
آڪاش انصاري جي قتل ۾ استعمال ٿيل چاقو ملي ويو
حيدرآباد: نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي چاقو سان گهاءُ ڏئي قتل ڪيو ويو. ايس ايس پي موجب جوابدار جي نشاندهي تي قتل ۾ استعمال ڪيل چاقو ڊسٽ بين مان هٿ ڪيو ويو آهي جيڪو ڊي اين اي لاءِ ليبارٽري موڪليو ويو آهي.
قتل کان اڳ آئيس جو نشو ڪيو پوءِ واٽ ون شراب پيتو: جوابدار جواعترافي بيان
حيدرآباد: پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته آڪاش انصاري کي قتل ڪندڙ سندس نپايل پٽ پوليس کي جاچ دوران ٻڌايو ته هن آئيس جو نشو ڪرڻ کانپوءِ واٽ ون شراب پيئڻ بعد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي پهرين قتل ڪيو ۽ بعد باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ڊاڪٽر آڪاش کي رات جو هڪ وڳي قتل ڪيو ويو ۽ صبح جو 5 بجي سندس مڙهه کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.
بدين ۾ ڊاڪٽر آڪاش جو ٽيجهو، لنگر تقسيم، دعائون گهريون ويون
بدين(رپورٽر) مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ٽيجھي جي رسم بدين ۾سندس سئوٽ ڊاڪٽر علم الدين انصاري جي جڳھه تي ملهائي وئي، جنھن ۾ صوبائي وزير ثقافت سيد ذولفقار علي شاھه، پيپلز پارٽي جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري اڳوڻي سينيٽر عاجز ڌامراھه، اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي محمد اسماعيل راھو، گل محمدجکراڻي، رٽائرسيڪريٽري اڪبر لغاري، تاج جويو، رئوف چانڊيو، غلام قادر پليجو، حريف چانڊيو، ڊاڪٽر عزيز ميمڻ، عاشق خواجا، شاھنواز سونارو، ڪريم داد راجپر، لالا قادر، امير آزاد پنھور، لال جروار، اسماعيل ڪنڀر، نواز شاھه ڀاڏائي، ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي سميت شاعرن اديبن ڊاڪٽرن وڪيلن ۽ بدين واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ڊاڪٽر اڪاش انصاري جي ناٺي جج احسان انصاري، سئوٽ محمد عثمان انصاري ۽ ڊاڪٽر بچل ميمڻ سان تعزيت ڪري ٽيجھي جي رسمن ۾ شرڪت ڪري دعا گھري، ان موقعي تي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي مغفرت لاءِ دعا گھري وئي ۽ لنگر جو بندوبست ڪيو ويو ھو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وڇوڙي تي بدين ۾ سندس سئوٽ ڊاڪٽر علم الدين انصاري جي جڳھه تي وارثن سان تعزيت جو سلسلو ٽئين ڏينھن به جاري رھيو.
بي رحمي جي انتها: قاتل پٽ پيءُ کي هڪ ٻه نه 10 گھاءُ ڏنا
حيدرآباد: ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ٿي وئي آھي جنھن بابت پوليس سرجن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر آڪاش جي جسم تي 10 کان وڌيڪ زخمن جا نشان آهن جن ۾ ڪجھه گھرا آھن ته ڪجھه سراسري آھن ھن چيو ته آڪاش جي ڪپڙن ۾ گاسليٽ جي ڌپ به ھئي ھن کي ڪنهن تيز ڌار اوزار سان تشدد ڪرڻ سان گڏوگڏ ھٿن سان به تشدد ڪيو پھرين ھن کي ماري بعد ۾ساڙيو ويو آهي.