
واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران جو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ، پاڪستان حمايت ڪري ڇڏي، سڀاڻي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو، پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڇرڪائيندڙ بيانن بعد ايران جو معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ٿي وئي آهي ان حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، ايران اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي جنهن جي پاڪستان، چين ۽ روس حمايت ڪري ڇڏي، اجلاس ۾ ايران جو پرڏيهي وزير شرڪت ڪندو جڏهن ته فرانس، جرمني ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن سان ايران جو پرڏيهي وزير به سڀاڻي ملاقات ڪندو ، ملاقات ۾ ايران جي ائٽمي معاملي تي به ڳالهيون ڪيون وينديون. ذريعن موجب ان ملاقات تي آمريڪا به اتفاق ڪيو آهي
تهران / تل ابيب / واشنگٽن (م ڊ ) ايران ۽ اسرائيل جا هڪ ٻئي تي حملا جاري، ايراني فوج اصفهان ۾ اسرائيل جو جديد ترين هرمس ڊرون جهاز ڪيرائي وڌو، اسرائيلي فوج تصديق ڪري ڇڏي، تل ابيب، يروشلم، شيرون ۽ حيفا شهرن تي هائپر سونڪ ميزائل حملا ڪيا ويا، پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي هوائي حدن جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، اسرائيلي ايئر ڊفينس جو نظام ايران جي فتح ميزائلن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، پاسداران انقلاب تل ابيب ۽ قبضي هيٺ آيل علائقا فوري طور خالي ڪرڻ جي به وارننگ ڏئي ڇڏي، صيهوني فورسز طرفان 1100 هدفن کي نشانو بڻائڻ 5 هيليڪاپٽر، 5 ايراني ڊرونز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ويو آهي ته تهران ويجهو ميزائل ٺاهيندڙ فيڪٽري کي نشانو بڻايو، امام حسين يونيورسٽي تي به حملو ڪيو ويو. هوڏانهن ايران گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل کي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل جي ايران تي حملن ۾ جيڪو به ملڪ سهڪار ڪندو، اهو جنگ جا نتيجا ڀوڳڻ جي لاءِ تيار رهي. هوڏانهن آمريڪا وچ اوڀر لاءِ وڌيڪ فوجي امداد رواني ڪري ڇڏي. آمريڪي اختيارين موجب آمريڪا وچ اوڀر ۾ وڌيڪ جنگي جهاز موڪلي ڇڏيا آهن ۽ اڳ کان موجود جهازن جي مقرري ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. آمريڪا هيل تائين ان تڪرار ۾ سڌي ريت ملوث ناهي پر آمريڪي فوج اسرائيل ڏانهن ايندڙ ايراني ميزائل ڪيرائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي آمريڪي صدر طرفان سرينڊر ڪرڻ جي بيان کي رد ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ايران ڪڏهن سرينڊر نه ڪندو، نه ئي صيهوني رياست تي رحم ڪيو ويندو، جڏهن ته آمريڪا جي ڪنهن به فوجي ڪارروائي جا سنگين ۽ ازالي نه ٿيڻ جوڳا نتيجا هوندا. اربع ڏينهن سرڪاري ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي آيت الله علي خامنه اي چيو ته اسان جو ملڪ ٽرمپ جي غير مشروط طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي اپيل کي قبول نه ڪندو، سياڻا ماڻهو جيڪي ايران، ايراني قوم ۽ ان جي تاريخ کي ڄاڻين ٿا، اهي هن قوم سان ڪڏهن ڌمڪي واري لهجي ۾ نه ڳالهائيندا. هن اسرائيل خلاف حملا تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسرائيل ايران تي حملو ڪري سنگين غلطي ڪئي آهي، جنهن جي ان کي سزا ملندي، ايراني عوام پنهنجي شهيدن جي رت ۽ پنهنجي سرزمين تي ٿيندڙ حملي کي ڪڏهن نه وساريندو