اهم امتحانن جا پيپر آخر ‘لِيڪ’ ڇو ٿا ٿين؟

0
19
اهم امتحانن جا پيپر آخر ‘لِيڪ’ ڇو ٿا ٿين؟

هونئن ته سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ امتحاني سرشتا مذاق بڻجي رهجي ويا آهن. ڪيتري ئي وقت کان مختلف اهم امتحانن جا پيپر لِيڪ ٿيڻ لڳا آهن. ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جا خاص طور تي پيپر وقت کان اڳ لِيڪ ٿيڻ لڳا آهن. هن ڀيري به سنڌ ۾ ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۽ ڄامشوري ۾ سينٽر قائم ڪري ٽيسٽ ورتي وئي ۽ هن ڀيري به ٽيسٽ جو پيپر وقت کان اڳ ۾ ئي لِيڪ ٿيڻ جون خبرون هلي رهيون آهن، جڏهن ته ڊائو يونيورسٽي انتظاميا پيپر لِيڪ ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. مختلف سينٽرن تي بهتر انتظام نه هجڻ سبب شاگردن کي پريشانيون درپيش رهيون. گرميءَ سبب ڪيترائي شاگرد بيهوش ٿي ويا. لاڙڪاڻي سينٽر تي ٽيسٽ دوران بدنظمي نظر آئي جتي گيٽ بند ٿيڻ سبب ڪيترائي اُميدوار ٽيسٽ کان رهجي ويا. ڄامشوري ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٽيسٽ دير سان شروع ٿي ۽ اُتي پڻ پيپر آئوٽ ٿيڻ جون خبرون آهن. جڏهن ته اهڙيون خبرون نوابشاهه مان پڻ رپورٽ ٿيون آهن.

ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ ايم ڊي ڪيٽ پاڪستان ۾ اهم امتحانن ۾ شامل آهي. ان ٽيسٽ ذريعي هزارين ڊاڪٽرن جي مستقبل جو تعين ٿئي ٿو. گذريل ڪيترن ئي سالن کان هن ٽيسٽ جي پيپرن جي لِيڪ ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهيون آهن. توڙي جو اهو مسئلو سڄي پاڪستان ۾ آهي پر سنڌ ۾ اهو وڌيڪ نظر اچي ٿو. پيپر لِيڪ ٿيڻ جي ڪري سڄي ميڊيڪل ايجوڪيشن سسٽم جي شفافيت تي منفي اثر پيا آهن. توڙي جو ان ٽيسٽ جا پيپر اڳ ۾ به آئوٽ ٿيندا رهيا آهن پر ويجهن سالن ۾ سوشل ميڊيا جي ترقي ۽ معلومات جي تيزيءَ سان ڦهلاءُ جي ڪري وڏي پيماني تي اهي شيون سامهون اچي رهيون آهن. پاڪستان ۾ ميڊيڪل جيئن ته هڪ اهم پروفيشن آهي  ۽ ان جي اهميت پڻ گهڻي آهي پر هتي پڻ ان ٽيسٽ جي لاءِ منظم گروهه سرگرم آهن، جيڪي وقت کان اڳ ۾ ان ٽيسٽ جا پيپر آئوٽ ڪرائين ٿا ۽ اهو پئسن عيوض وڪرو ٿئي ٿو، خاص طور تي اهو سمورو ڌنڌو واٽس ايپ گروپن ۽ ٻين پرائيويٽ فورمز جي ذريعي ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري اهو پيپر خريد ڪندڙ شاگردن کي ته فائدو ٿئي ٿو پر اهل ۽ باصلاحيت شاگرد نقصان ۾ وڃن ٿا. ايم ڊي ڪيٽ جو پرچو سنڌ ۾ 2018ع ۾ پڻ لِيڪ ٿيڻ جون خبرون آيون هيون ۽ اُن تي وڏي پيماني تي تنقيد پڻ ٿي هئي. 2021ع ۾ پڻ پيپر آئوٽ ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون هيون. شاگردن احتجاج ڪري ٽيسٽ وٺندڙ انتظاميا تي لاپرواهيءَ جو الزام هنيو هو ۽ امتحاني سرشتي ۾ سُڌاري جو مطالبو ڪيو هو. پيپر آئوٽ ٿيڻ سان نه صرف امتحان جي ساکَ داغدار ٿئي ٿي پر سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا جي عمل تي سوال اُٿڻ لڳن ٿا. امتحاني پيپر لِيڪ ٿيڻ سان بي اعتماديءَ جو ماحول پيدا ٿيندو آهي ۽ پنهنجي صلاحيتن سان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن تي پڻ سوال اُٿاريا ويندا آهن. هن ٽيسٽ جي تياريءَ کان اڳ وارو عمل، جيڪو تياريءَ جو عمل آهي، ۽ ان تياريءَ ۾ شاگردن کي گهڻو وقت لڳي ٿو. پيپر لِيڪ ٿيڻ جي خبرن سان سندن پريشاني وڌي وڃي ٿي، ڇو ته کين لڳي ٿو ته جيڪڏهن ٻين کي پيپر لِيڪ ٿيڻ سان فائدو ٿي رهيو آهي ته، سندن محنت رائيگان وڃي سگهي ٿي. اها غير يقيني صورتحال شاگردن ۾ بيوسيءَ جو احساس پيدا ڪري ٿي، جيڪي محسوس ڪن ٿا ته، اُهي ڪيتريون ئي ڪوششون ڇو نه ڪن، سندن محنت رائيگان وڃي سگهي ٿي. اهو صرف ايترو ئي نه پر وڏو نفسياتي نقصان پڻ گڏ کڻي اچي ٿو.

سنڌ ۾ بار بار پيپرن جو لِيڪ ٿيڻ تعليمي نظام جي ڪرپشن جي گهري مسئلي جي نشاندهي ڪري ٿو. ان مان اها ڳالهه پڻ واضح ٿئي ٿي ته، امتحاني سرشتي اندر اهڙيون خاميون آهن، جن جي ڪري اهو عمل بار بار ٿي رهيو آهي. هن ڀيري به ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ دوران مختلف امتحاني سينٽرن تي سهولتن جي کوٽ نظر آئي، جنهن جي ڪري پڻ اڳ ئي ذهني دٻاءُ جو شڪار شاگرد سهولتون نه هجڻ جي ڪري وڌيڪ پريشان نظر آيا. ڪُجهه هنڌن تي بدانتظاميءَ خلاف شاگردن جو احتجاج پڻ ان ڳالهه جي گواهي ڏي ٿو ته، شاگردن کان في اُميدوار 8 هزار رپيا فِي وٺڻ باوجود سهولتون نه ڏيڻ انتظامي نااهلي کي ظاهر ڪري ٿو. اسان اها گهر ڪرڻ ۾ حقي واجبي آهيون ته، فوري طور تي ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر ليِڪ ٿيڻ بابت جاچ ڪرائي وڃي ۽ پيپر آئوٽ ڪرائيندڙ منظم مافيا جي ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. ظاهر  آهي ته اهو پيپر انتظامي ملي ڀڳت کان سواءِ آئوٽ نٿو ٿي سگهي.