ميهڙ: خواجه سرا جي گھر مان چوري بعد پوليس پاران پيرو کڻڻ دوران ڏوھاري جوابدارن رتو کوسو ۽ ٻين پوليس تي فائرنگ ۽ پٿراءُ واري واقعي ۾ چئن اھلڪارن جي زخمي ٿيڻ بعد ايس يس پي دادو غلام شبير سيٺار ميھڙ پھتو ايس ايس پي دادو نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته خواجه سرا جي گھر مان ٿيل چوري واري واقعي بعد پوليس پيرو کڻي جوابدار رتو کوسو جي گھر وٽ پھتي ته جوابدارن عورتن سان گڏجي پوليس اھلڪارن مٿان پٿراءُ ۽ فائرنگ ڪئي جنھن سبب اسان جا 4 جوان زخمي ٿيا آھن جن مان 2 ڄڻن جي حالت بھتر آھي جڏھن ته اي ايس آء ديدار سولنگي سميت ٻن کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آھي جن جو علاج ھلي رھيو آھي جڏھن ته واقعي بعد ڪجھه جوابدار فرار ٿي ويا آھن، جن لاءِ پوري ضلعي مان پوليس گھرائي آھي ۽ آپريشن ھلندڙ آھي ھن چيو ته پوليس کي رتو کوسو جي گھر مان ھٿيار ھٿ آيا آھن ۽ ڪجھ جوابدار گرفتار به ڪيا آھن ھن چيو ته ميھڙ ۾ ڪجھ ڏينھن کان ھڪ ڏوھاري گروھ سرگرم ٿي ويو آھي جنھن جو پتو پوڻ بعد ڪجھه گرفتاريون ڪيون آھن وڌيڪ به ڪاروايون ڪيون وينديون آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.