ٽنڊوآدم(رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ميونسپل ڪامٽي جي چيئرمين غلام مرتضي جوڻيجو پاران ڪالي روڊ تي واقع قديم گڏھ گاڏا اسٽاپ نيلام ڪرڻ واري ڏينهن تي وڏي انگ ۾ گڏھ گاڏا هلائيندڙ پورهيتن گڏھ گاڏا ڪاهي ميونسپل ڪاميٽي آفيس ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري  2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايم اي جناح روڊ بلاڪ ٿي ويو. ان موقعي تي ڇڪتاڻ به پيدا ٿي وئي. پورهيتن انور شاھ، گلبهار، ارباب خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڄاڻايل اسٽاپ 70 سالن کان قائم آهي اسان جا وڏا هتي ئي گڏھ گاڏا بيهاريندا هئا اسان ڳوٺن مان مزدوري  ڪرڻ لاء ھتي اچي پنهنجي جانورن کي بيهاري گذر سفر ڪندا آھيون اسان لاء به هي واحد جاء جانور بيهارڻ ۽ روزگار جو ذريعو آهي۔ هنن دانهيو ته اسان پ پ جا ووٽر آهيون پر افسوس پ پ سان واڳيل چيئرمين اسان کي سهولتون ڏيڻ بجاء بيروزگار ڪرڻ لاء هتي شاپنگ سينٽر تعمير ڪرڻ چاهي ٿو هنن چيو ته اهو ظلم آهي هنن  گڏھ گاڏا اسٽين جي نيلامي وارو فيصلو واپس وٺڻ جي گهر ڪئي۔

ڏيرا گروپ نيلامي جي مزاحمت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ٽنڊو آدم: چيئرمين پاران ميونسپل جون ملڪيتون ڀڳڙن مٺ تي پنهنجا نوازي تحت نيلام ڪرڻ خلاف پ پ جي ڏيرا گروپ جي اڳوڻي تعلقه ناظم لالا محمد ايوب خان جي اڳواڻي ۾ ميونسپل ڪائونسلرن سردار عامر حسين خاصخيلي، امتياز احمد آرائين، اڳوڻي نائب ناظم شيخ لياقت علي، حاجي محمد اسماعيل ملڪ، تاج محمد ملڪ سميت ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ محمد خان پنهور، جماعت اسلامي جي اڳواڻن مشتاق احمد عادل، عبدالغفور انصاري، عبدالستار انصاري ۽ ٻيا پورهيتن سان ٻڌي جي اظھار طور ڌرڻي ۾ پهتا. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته ميونسپل چيئرمين پاران شهر جون تاريخي عمارتون ڀڳڙن مٺ تي غيرقانوني طور نيلام ڪيون پيون وڃن جنهن جي سخت مزاحمت ڪنداسين. هنن چيو ته هي شهر سڀني جو آهي عوام اسان کي ووٽ شهر جي ترقي لاء ڏنو آهي ملڪيتون نيلام ڪرڻ جو مينڊينٽ ناهي ڏنو هنن چتاء ڏنو ته جيڪڏهن ملڪيتن جي نيلامي جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌائيندي شٽربند هڙتال ڪنداسين. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري،  ادي فريال ٽالپر، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي اپيل ڪئي ته هو ان مامري جو نوٽيس وٺي ملڪيتون نيلام ٿيڻ کان بچائين.

 

پورهيتن جي سخت مزاحمت ۽ ڏيرا گروپ جي احتجاج بعد نيلامي عارضي ملتوي

 

ٽنڊو آدم: گڏهه گاڏا هلائيندڙ پورهيتن جي سخت احتجاج، پ پ ڏيرو گروپ جي ڪائونسلرن سميت سياسي سماجي ڌرين جي سخت رد عمل، احتجاج ۽ مزاحمت ڪرڻ تي ميونسپل چيئرمين  پاران گڏھ گاڏي اسٽاپ جي نيلامي کي عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏيو.