لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) انگلينڊ جي هڪ ڳوٺ جي رهواسين تي ڪيترن ئي هفتن کان حملو ڪندڙ باز آخرڪار قابو ۾ اچي ويو آهي. هڪ اندازي موجب هن باز کي مقامي ماڻهن تي 50 حملن جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. شڪاري پکي پيادل ويندڙن جي مٿي تي درجنين حملا ڪيا، ڪن حالتن ۾ لنگهندڙن کي زخمي ڪيو. پر ڊگھي عرصي کان دهشت گرد باز، جيڪو اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا مان آهي، آخرڪار اسٽيو هيرس نالي هڪ 40 سالن جي رهواسي هٿان پڪڙيو ويو. هيرس بي بي سي کي ٻڌايو ته ”اها اسان لاءِ ۽ سڄي ڳوٺ لاءِ راحت آهي. مان جڏهن به گهمڻ لاءِ ويندو هوس ته ڳوٺ جي چوڌاري منهنجي پٺيان لڳندو هو ۽ جڏهن واپس ايندو هو ته منهنجي مٿي تي اڏامندو هو. شهري ٻڌايو ته هڪ ڏينهن جڏهن پکي اٽڪل هڪ فوٽ پري هو ته مون ان جي مٿان ڄار اڇلائي ان کي ڦاسائي ڇڏيو. حارث جو چوڻ هو ته هن جارح  پکيءَ جي موجودگيءَ سبب سندس ٻار ڪيترن ئي ڏينهن کان گهر کان ٻاهر کيڏڻ به نه ٿا اچن.