ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ رٿيل سيريز کي ڪرو-ٿارپ ٽرافيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز جي سيريز 28 نومبر کان ڪرائسٽ چرچ ۾ شروع ٿي رهي آهي جڏهن ٻي ٽيسٽ ڇهه ڊسمبر ۽ ٽِين ٽيسٽ 14 ڊسمبر کان شروع ٿيندي. سيريز جي ٽرافي کي انگلينڊ جي گراهم ٿارپ ۽ نيوزيلينڊ جي مارٽن ڪرو جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، ان ٽرافيءَ کي ٻنهي مرحوم ڪرڪيٽرز جي بيٽ جي لڪڙيءَ مان ٺاهيو ويو آهي. ٽرافي ۾ ٿارپ جي نيوزيلينڊ خلاف ۽ مارٽن ڪرو جي انگلينڊ خلاف سينچري اسڪور ڪندڙ بيٽس جو استعمال ڪيو ويو آهي، ٻنهي رانديگرن جي ڪٽنب طرفان ٽرافي ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ لاءِ بيٽس عطيو ڪيون ويون هيون. واضح رهي ته ٻنهي رانديگرن جو ڳاڻيٽو پنهنجي دور جي بهترين بيٽرز ۾ ٿيندو هو، گراهم ٿارپ هلندڙ سال ۽ مارٽن ڪرو 2016ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.