لنڊن (اسپورٽس نيوز) دفاعي چيمپيئن انگلينڊ جو اهم فاسٽ بالر ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو، جنهن کانپوءِ انگلش ٽيم جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ واڌارو ٿي ويو. انگلش ڪرڪٽ بورڊ موجب، فاسٽ بالر ريسي ٽوپلي آڱر ۾ فريڪچر سبب عالمي ڪپ جون رهيل ميچون نه کيڏي سگهندو. ٽوپلي کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ دوران آڱر ۾ ڌڪ لڳو هو ، پر ميچ کانپوءِ اسڪين ۾ سندس فريڪچر جي تصديق ٿي آهي. انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب بالر ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ انگلينڊ لاءِ روانو ٿي ويندو، ٽوپلي جي متبادل جو اڃا تائين اعلان ناهي ڪيو ويو.