لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) انگلينڊ جي برسٽل زو ۾ پراسرار جانور جي موجودگي جو انڪشاف ٿيڻ تي انتظاميا حيران رهجي وئي. برطانوي ميڊيا رپورٽن موجب برسٽل زو ۾ رات جي وقت لڳل ڪيمرا تي نظر آيل پراسرار جانور کي 4 ٽنگون آهن ۽ قد ۾ ڪافي ننڍو آهي پر هن جانور جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. زو جي پبلڪ انگيجمينٽ مئنيجر روزي سمز جو چوڻ آهي ته زو ۾ ان جانور جي موجودگي اسان لاءِ هڪ راز آهي پر هن سال هالووين تي هتي ان جي موجودگي ماڻهن جي توجه جو مرڪز بڻيل هئي. هن چيو ته اسڪاٽ لينڊ ۾ هڪ ’لوچ نيس مانسٽر‘ آهي جڏهن ته ڪارن وال ۾ ’بيسٽ آف بوڊمن مور‘ نالي هڪ عجيب مخلوق آهي ۽ هاڻ شايد اسان هن زو ۾ به اهڙو ئي افسانو دريافت ڪيو آهي. برسٽل جي زو ۾ موجود هن جانور جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن ۽ صارفين طرفان دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.