لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجن ضابطن ۾ تبديلي ڪندي انگلينڊ ۽ ويلز ۾ ٽرانس جينڊر پليئرز مٿان عورتن جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي. ڪرڪ انفو موجب، برطانوي سپريم ڪورٽ عورتن جي تعريف بابت برابريءَ جي قانون (اڪيولٽي لا) تي فيصلو ٻڌايو هو، جنهن کانپوءِ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ اهو قدم کنيو.بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اِها پابندي ترت لاڳو هوندي ۽ رڳو اهڙن پليئرز کي عورتن جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت هوندي جن جي بائيولوجيڪلي جنس ”عورت“ هوندي.پابندي جو شڪار ٽرانس جينڊر رانديگرن کي اوپن ۽ مڪسڊ ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت هوندي.گورننگ باڊي طرفان متاثر ٽرانس جينڊرز جي ڊيٽا جاري ناهي ڪئي وئي، پر انگلش بورڊ متاثر رانديگرن جي مدد لاءِ عزم ظاهر ڪيو آهي.