لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ اينڊرسن، ٽنڊلڪر ٽرافي جي لانچنگ تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي هڪ رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته ٽرافي جي شاندار لانچنگ 14 جون تي ٿيڻي هئي، جيڪا جهاز حادثي جي ڪري ملتوي ڪئي وئي. ويب سائيٽ موجب، هندستان ۽ انگلينڊ جي بورڊن باهمي صلاح مشوري کان پوءِ تقريب ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. رپورٽ موجب، ٽرافي جي نالي جي لانچنگ تقريب 14 جون تي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي موقعي تي منعقد ڪئي وئي. ميڊيا موجب، انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جو نالو جيمس اينڊرسن ۽ سچن ٽنڊولڪر جي نالي تي رکيو ويو آهي ته جيئن انهن کي خراج تحسين پيش ڪري سگهجي. رپورٽ موجب، انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ 5 ميچن جي ٽيسٽ سيريز هن مهيني شروع ٿيڻ واري آهي.