لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان انڪشاف ڪيو ته هڪ خطرناڪ بيماري جو شڪار ٿي ويو هئس،  ڊپريشن  سبب جسماني مسئلن جو شڪار ٿي ويو هئس ۽ شرٽ جا بٽڻ ۽ جوتن جون ڪهيون به نه ٻڌي سگهندو هئس، هن چيو ته مائيڪرو فون به نه کڻي سگهندو هئس، ڪامينٽري باڪس کان ميلبورن اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جيڪڏهن منهنجي عمر 80 سال هجي ها ته پاڻ کي گولي هڻي ڇڏيا ها، مائيڪل وان چيو ته مون علاج ڪرايو پر مان نٿو ڄاڻان ته پهريان کي وڌيڪ مضبوط آهيان يا ڪمزور ٿي ويو آهيان.