لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) پنهنجي رانديگرن کي انگلش ڊوميسٽڪ سيزن دوران فرنچائز ليگ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، انگلش ڪرڪيٽر پي سي ايل، ايم سي ايل، ايل پي ايل ۽ سي پي ايل سميت دنيا جي مختلف ليگز کيڏندا آهن، اي سي بي جي فيصلي سبب ايندڙ سال اپريل ۾ شيڊيول پاڪستان سپر ليگ پڻ متاثر ٿيندي، پر نئين پاليسي ۾ رانديگرن کي آءِ پي ايل کيڏڻ لاءِ ڇوٽ ڏني وئي آهي. واضح رهي ته هونئن ته پي ايس ايل ونڊو فيبروري ۾ هوندي آهي ۽ ان عرصي دروان انگلش ڊوميسٽڪ سيزن ناهي هوندو، پر چيمپيئنز ٽرافي سبب پاڪستان سپر ليگ سيزن 9 جي ونڊو اپريل ۽ مئي ۾ رکي وئي آهي، انگلش ڪائونٽي سيزن پڻ انهي عرصي دوران شروع ٿيندي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، اي سي بي جي فيصلي سبب فرنچائز ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگرن کي مالي نقصان جو انديشو ۽ خدشو آهي، ان فيصلي سبب ڪجهه رانديگر ريڊ بال ڪرڪيٽ ڇڏي سگهن ٿا.