ممبئي/لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ”پٽودي ٽرافي“ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جنهن تي سندس گهرواري شرميلا ٽئگور صدمي وٺجي ويئي، جڏهن ته ڀارتي بورڊ خاموش آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ٽائيگر نواب منصور علي خان پٽودي سان منسوب ”پٽودي ٽرافي“ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اِها ٽرافي ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ انگلينڊ ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ سيريز جي فاتح ٽيم کي ڏني ويندي هئي. هلندڙ سال جون ۾ شيڊيول ورلڊ ٽيسٽ چمپيئن شپ فائنل کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم روهت شرما جي قيادت ۾ پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ انگلينڊ جو دورو ڪندي، جڏهن ته سيريز کان اڳ ان حوالي سان باظابطا اعلان ڪيو ويندو. ٻئي پاسي اي سي بي ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان مرحوم منصور علي خان پٽودي جي پٽ، بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان کي خط لکي ان فيصلي بابت آگاهه ڪيو، جنهن منصور علي خان جي گهرواري، مشهور اداڪارا شرميلا ٽئگور کي سخت صدمي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. شرميلا ٽئگور چيو ته ”مون کي اي سي بي طرفان سڌي ريت ڪو به اطلاع ناهي مليو پر بورڊ سيف کي خط لکيو آهي هو ٽرافي رٽائر ڪري رهيا آهن، بي سي سي آءِ (ڀارت ڪرڪيٽ بورڊ) ٽائيگر جي ورثي کي ياد رکڻ چاهي ٿو يا نه اِهو ان جو فيصلو آهي مان ان بابت وڌيڪ نه ڳالهائينديس.“ هوڏانهن بي سي سي آءِ اڃا تائين ان ڏس ۾ ڪو باظابطا بيان جاري ناهي ڪيو ۽ خاموش آهي، جڏهن ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هو ان حوالي سان انگلش ڪرڪيٽ بورڊ کي درخواست ڪري رهيا آهن ته هو پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. ياد رهي ته ”پٽودي ٽرافي“ پهريون ڀيرو 2007ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 75 سالا ڪرڪيٽ لاڳاپن جي موقعي تي شروع ڪئي وئي هئي. نواب منصور علي خان پٽودي جي پيءُ نواب افتخار علي خان پٽودي 1932 ۽ 1946 ۾ ڀارت ۽ انگلينڊ ٻنهي ملڪن طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهي.
منصور علي خان پٽودي 1961 کان 1975 تائين ڀارت لاءِ 46 ٽيسٽ کيڏيو، هڪ حادثي ۾ سندس اک ضايع ٿي وئي ۽ هو هڪ اک سان عالمي ڪرڪيٽ کيڏيندو رهيو. ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هو صحافت جي شعبي سان واڳيل رهيو، نواب پٽودي جو سئوٽ ناليوارو سفير شهريار محمد خان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چئرمين رهيو.