ليڊز (اسپورٽس نيوز) انگلش اسپنر عادل رشيد آسٽريليا خلاف ٻي ون ڊي ۾ 200 وڪيٽون مڪمل ڪري تاريخ لکي ڇڏي. هيڊنگلي ليڊز ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ عادل رشيد 28هين اوور ۾ ميڪس ويل کي آئوٽ ڪري 200 وڪيٽون مڪمل ڪيون. عادل رشيد اهو اڪيلو اسپنر آهي، جنهن انگلينڊ طرفان ون ڊي فارميٽ ۾ 200 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. ان کان اڳ معين علي 111 ۽ گريم سوان 104 وڪيٽون حاصل ڪري چڪا آهن.