ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ناليواري اداڪار اعجاز اسلم قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان کي اردو ۾ ڳالهائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. اعجاز اسلم تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته اسان جو ڪرڪيٽر محمد رضوان آءِ سي سي ايونٽن ۾ غير معياري انگريزي ڳالهائيندو آهي. سندس موجب مان کيس چوڻ چاهيان ٿو ته توهان انگريزي ڇو ٿا ڳالهايو؟ اڳ ۾ انگريزي سکو پوءِ ڳالهايو، في الحال توهان کي اردو ۾ ڳالهائڻ گهرجي، توهان کي پنهنجي قومي ٻولي تي فخر هجڻ گهرجي.