مانجھند (ن پ ا) انڙ پور کي انڊس ھاء وي سان ملائندڙ لنڪ روڊ ڪيترن ئي سالن کان نھ ٺھي سگھيو آهي. انڙپور يوٿ فورم جي اڳواڻن صوفي طارق علي، غلام حسين، ڪامران، پنھنجي اخبار سان ڳالھائندي چيو ته انڙ پور کي انڊس ھاءِ وي سان ملائيندڙ لنڪ روڊ تعمير نھ ٿيڻ سبب مڪمل تباھ حالي جو شڪار آھي 8 ڪلوميٽر جو ھي روڊ خراب ھجڻ جي ڪري سفر ڪندي ڪلاڪ لڳيو وڃن. جيڪڏھن ايمرجنسي جي حالت ۾ ڪو مريض اسپتال ڏانھن حيدرآباد کڻي وڃجي ٿو ته رستي ۾ ئي فوت ٿيو وڃي. اڳواڻن ٻڌايو ته ٺيڪيدار روڊ کي تعمير ڪرڻ لاء پٿر لاھيو مھينن جا مھينا گم ٿيو وڃن تيسيتائين روڊ تي رکيل پٿر چوري ٿيو وڃن ھي روڊ صرف ڪاغذي ڪاروائي ۾ مڪمل ڄاڻايو وڃي ٿو جڏھن ته ھن لنڪ روڊ لاء ڪروڙين روپين جا ٽينڊر منظور ٿيا آھن پر ھڪ روپئي جو ڪم نه ڪرايو ويو تازو ئي 9 جولائي تي روڊ جو ٽينڊر پاس ٿيو جيڪو 50 لک جي لاڳت جو ھيو پر اھا رقم مبينا ڪرپشن ور چڙھي وئي جڏھن ته انڙپور جي لنڪ روڊ لاء 15 سالن م جيڪي ٽينڊر منظور ٿيا آھن انھن جو جاچ ڪري ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ آيل ڪروڙين رپيا جيڪي ڪرپشن جي ور چڙھي ويا انھن جي جاچ ڪئي وڃي ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انڙپور لنڪ روڊ تعمير ڪري ھتي جي رھواسين کي سفري سھولتون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ ڪورٺ سڳوري سان رجوع ڪيو ويندو.