سکر(بيورو رپورٽ) ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف عدنان حامد خان مطابق سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي جي انڊس ڊولفن ڪنزرويشن سينٽر سکر پاران گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 ڊولفن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريسڪيو آپريشن سڀ کان ڏکيو هو ڇو جو ريسڪيو ڪيل ڊولفنز کي لڳ ڀڳ 200 ڪلوميٽر سفر ڪرڻ کان پوءِ سکر ۾ سنڌو درياهه تائين محفوظ پهچائڻو هيو، ريسڪيو ٽيم جي اڳواڻي هو پاڻ ڪري رهو هو جدهن ته انڊس ڊولفن سکر انچارج مير اختر حسين ۽ شهيد بينظير آباد وائلڊ لائيف ڊويزن جي ڊپٽي ڪنزرويٽر دارا منير قاضي به آپريشن ۾ موجود هئا. عدنان حامد خان مطابق هڪ انڌي ٻلهڻ خيرپور ضلعي جي نوابشاهه کي لڳندڙ حدن ۽ ٻئي ڊولفن نوابشاهه روهڙي ڪئنال مان ڪاميابي سان ريسڪيو ڪري سنڌو حوالي ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ناياب نسل جي انڌي ٻهلڻ سکر بئراج جي دروازي ۾ ڦاسي مري وئي، سکر بئراج جي 53 هين دروازي ۾ انڌي ٻلهڻ مئل حالت ۾ 36 ڪلاڪن کان ڦاٿل رهي پر جهنگلي جيوت کاتي پاران اطلاع باوجود انڌي ٻلهڻ کي ٻاهر نه ڪڍيو، جهنگلي جيوت کاتي جي غفلت سبب ناياب نسل جون ٻلهڻيون ڪئنالن ۾ وڃڻ ۽ مرڻ لڳيون. وائلڊ لائيف کاتي جي ذميوارن مطابق انڌي ٻلهڻ مري وڃڻ کان پوءِ لڙهي اچي سکر بئراج جي گيٽ ۾ ڦاسي پئي.