شنگهائي (انٽريسٽنگ نيوز) چين جي هڪ شخص انڊن تي ڊگهي جمپ جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ حيرت انگيز ڪارنامي کي تسليم ڪيو آهي، هن ڀيري هڪ چيني شخص جي ڪارنامي کي جنهن انڊن تي ٽپو ڏئي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. گنيز ورلڊ رڪارڊ جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ لين گوانگ پنگ نالي هڪ شخص انڊن تي بيهي جمپنگ جو چيلنج قبول ڪري ٿو. حيرت انگيز طور تي هو هڪ منٽ اندر 5 انڊن تي ٽپو ڏئي ٿو ۽ هڪ به انڊو نه ٿو ڀڃي. ان کان اڳ 2018ع ۾ لين گوانگ پنگ 4 انڊن تي جمپ ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو هو، هن ڀيري هن پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي 5 انڊن تي جمپ ڪري نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيوآهي. هن ڪارنامي سوشل ميڊيا تي طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي ماڻهن حيرانگي ۽ دلچسپ تبصرن جو اظهار ڪيو آهي، هڪ صارف چيو ته هي واقعي حيرت انگيز آهي، ٻئي صارف لکيو ته حيران آهيان ته اهو ڪيئن ممڪن آهي؟