ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) پنجاب ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي ) طرفان ڏنڊ مڙهيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ، ميڪسويل پنجاب ڪنگز ۽ چنائي سپر ڪنگز وچ ۾کيڏيل ميچ دوران آءِ پي ايل ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن تي بي سي سي آءِ مٿس ميچ فيس جو پنجويهه سيڪڙو ڏنڊ هنيو. بي سي سي آءِ اڱاري جي رات جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پنجاب ڪنگز جي آل رائونڊر آرٽيڪل 2.2( ميچ دوران فڪسچر ۽ فٽنگ جو غلط استعمال ) تحت ليول ون جي ڏوهه جو اعتراف ڪيو ۽ ميچ ريفري جو فيصلو قبول ڪيو. ميڪسويل کي هڪ اهڙي ڏوهه ۾ ملوث قرار ڏنو ويو جيڪو رانديگرن ۽ ٽيم آفيشلز لاءِ آءِ پي ايل ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل 2.2 جي دائري ۾ اچي ٿو. آرٽيڪل 2.2 ۾ ڪرڪيٽ جي معمول واري عمل کان ٻاهر ڪا به ڪارروائي شامل هوندي آهي، يعني ظابطن جي ڀڃڪڙي، مثال وڪيٽن کي ڄاڻي واڻي لت وهائي ڪڍڻ ۽ ڪو به اهڙو عمل جيڪي ڄاڻي واني، لاپرواهي يا حادثاتي طور ٿيو هجي، يا ڪنهن قسم جي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ، گوڙ ڪرڻ شامل آهي، آرٽيڪل موجب، مثال طور تي، ان ڏوهه ۾ رانديگر ان وقت ملوث قرار ڏنو ويندو جڏهن هو مايوسي ۾ پنهنجي بيٽ کي زور سان ڦيرائي ٿو ۽ اشتهاري بورڊ کي نقصان پهچائي ٿو. واضح رهي ته چنائي سپر ڪنگز خلاف ميچ ۾ پنجاب ڪنگز ڪاميابي ماڻي هئي.