اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سياسي سيز فائر جي به گهر ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته انڊيا سان جنگبندي ڪيو ٿا ته اسان سان به جنگبندي ڪيو، سياسي سيز فائز به ضرور ٿئي، عمران کي آزاد ڪيو وڃي، ملڪ متحد ٿي اڳتي وڌندو، هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪاميٽي جو اجلاس  ٿيو. اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪ فوج طرفان ڏنل ردعمل کي ساراهيو ويو. خاص طور تي جنگ جو پاسو ڦيرائڻ ۾ پاڪ فضائيه جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي وئي. ان ڳالهه تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ته ڀارت، پهلگام ۾ ٿيل حملي بابت نه ته ڪو قابل اعتماد ثبوت ڏنو آهي ۽ نه ئي غير جانبدار جاچ تي راضي ٿيو آهي، ان جي باوجود پاڪستان خلاف کلي عام جارحيت ڪئي وئي. ڀارت جي ارادن بابت سنجيده خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ اهو چيو ويو ته پاڪستان کي ڀارتي دشمنيءَ کي سامهون رکندي هميشه خبردار رهڻ گهرجي.