انڊونيشيا(انٽرسٽنگ نيوز) توهان عام طور تي ڪنهن به شخص جي ٻن، ٽن يا چئن شادين بابت ٻڌو هوندو پر اڄ اسان توهان کي هڪ اهڙي انسان بابت ٻڌائي رهيا آهيون جيڪو ٽيون يا چوٿون ڀيرو نه پر 88هون ڀيرو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ انڊونيشيا جو 61 سالن جو ڪان 87 ڀيرا شادي ڪرڻ کانپوءِ هاڻ 88هون ڀيرو شادي ڪري رهيو آهي. انڊونيشيا جي علائقي ماجالينگڪا جي رهواسي ڪان کي ايترين شادين سبب علائقي ۾ ‘Playboy King’ جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪان ايندڙ ڪجهه ڏينهن پنهنجي 86هين زال، جنهن سان سندس عليحدگي ٿي وئي هئي، سان ٻيهر شادي ڪري رهيو آهي. مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪان چيو ته سندس پهرين شادي 14 ورهين جي عمر ۾ 16 ورهين جي ڇوڪري سان ٿي هئي. هن ٻڌايو ته شادي جي ٻن سالن کانپوءِ زال خراب رويي جو الزام هڻندي مون کان طلاق وٺي ڇڏي، جنهن کانپوءِ مان عورتن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ روحاني علم حاصل ڪيو پر مان اهڙو ڪجهه نه ڪيو، جيڪو عورتن لاءِ سٺو نه هجي ۽ مان فيصلو ڪيو ته ڏوهه ڪرڻ بدران شاديون ڪندس. ڪان جي 87 زالن ۽ سندس ٻارن جي حوالي سان ڪا ڄاڻ ناهي ملي سگهي پر هو پنهنجي 88هين شادي جي ڪري خبرن جي زينت بڻيل آهي.