انڊونيشيا(انٽرسٽنگ نيوز) انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا دنيا ۾ ترقي کي ڦيٿا لڳائي ڇڏيا آهن ۽ آئي ڏينهن ترقيءَ جا نوان طريقا متعارف ٿي رهيا آهن. سمارٽ فون هاڻي هر ٻار توڙي ٻڍي جي هٿ ۾ نظر اچي رهيو آهي حد ته اها آهي ته پنڻ لاءِ پيشيور فقيرن به پاڻ کي جديد بڻائيندي پنهنجو ڪاروبار يعني پنڻ کي ڊيجيٽل طريقي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت انڊونيشيا ۾ اهڙن پيشيور فقيرن جو وڏو تعداد موجود آهي جيڪو سوشل ميڊيا جي مشهور ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پني رهيو آهي ۽ ان تي خيرات لاءِ پنهنجو اڪائونٽ نمبر به ڏئي رهيو آهي. انڊونيشيا جيڪو پهريان ئي ملڪ ۾ وڌندڙن فقيرن کان پريشان آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، جنهن کانپوءِ فقيرن به پنهنجو انداز تبديل ڪري ڇڏيو آهي. فقيرن ڊيجيٽل خيرات حاصل ڪرڻ جي لاءِ انڊونيشيا ۾ ڊانسنگ بائٽ نالي هڪ مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو سهارو ورتو آهي جيڪو 1000 فالوورز تي مجازي گفٽ فراهم ڪندو آهي. انهن تحفن يا انعامن کي رقم ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.