لاهور (م ڊ) انڊس واٽر ڪميشن ڀارت طرفان معاهدي جي معطلي جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ گهرو وزارت، آبي ذخيرن واري وسيلن ۽ انڊس ڪميشن جي ماهرن تي ٻڌل ٿنڪ ٽينڪ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٿنڪ ٽينڪ هنگامي بنيادن تي معاهدي جي معطلي تي پنهنجي راءِ ڪابينه کي ڏيندي، وزيراعظم ماهرن جي راءِ تي وڌيڪ حڪمت عملي جو فيصلو ڪندا. انڊس واٽر ڪميشن جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان جي قانوني، آئيني پوزيشن ڀارت جي مقابلي ۾ مضبوط آهي. سنڌ طاس معاهدي کان هٽي ڀارتي هڪ طرفو غلط قدم کنيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان جلد قانوني ماهرن جي رپورٽ جي روشني ۾ ورلڊ بينڪ وڃڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو. پاڪستان طرفان گڏيل قومن سان رابطي سميت ٻيا سفارتي قدم به غور هيٺ آهن