ٻولي ڳالهه ٻولهه جو سُهڻو ذريعو آهي، جنهن ۾ آوازن جو ڪمال هوندو آهي، اهي آواز ٻڌندڙن تي اثر ڇڏيندا آهن. هر ماڻهوءَ جي ڳالهائڻ جو انداز پنهنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ وڌيڪ پُختو نظر ايندو آهي. جيڪو تاريخي، تهذيبي، ثقافتي، سماجي ۽ معاشرتي رهڻي ڪهڻي جي اثر هيٺ پيدا ٿيندو آهي. سڄي دنيا جي ٻولي ماهرن، نفسياتي ماهرن ۽ ميڊيڪل سائنس جي تحقيق اسان کي ٻڌائي ٿي ته، ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ هوندي ئي ماءُ جي ٻولي سکي ٿو. پيدا ٿيڻ کانپوءِ ٻار انهيءَ ٻوليءَ ۾ سوچي ٿو ۽ خواب ڏسي ٿو. ان جي دماغ جي نشونما ماءُ ٻوليءَ ذريعي ٿئي ٿي. ماءُ ٻوليءَ ۾ ئي ٻار جا تصور چِٽا ٿين ٿا ۽ سندس تعليمي ۽ تخليقي سگھ مضبوط ٿئي ٿي ۽ هُو درست طريقي سان سمجھي ۽ پروڙي سگھي ٿو.
سنڌي ٻولي سنڌي قوم جي تاريخي، تهذيبي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي وجود جو اهڃاڻ آهي. سنڌي ٻولي سڀن کان سنڌ جي وجود جو اٽوٽ انگ آهي. سنڌي ٻولي اسان کي ٻڌائي ٿي ته، اسان عظيم ۽ قديم سنڌو تهذيب جا والي ۽ وارث آهيون. اها تهذيب، جيڪا تهذيبن ۽ مذهبن جي ماءُ آهي، اها تهذيب، جيڪا سنڌي قوم جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو اهڃاڻ آهي. ماءُ ٻولي سان ئي محبتون جنم وٺن ٿيون ۽ تهذيبون پروان چڙهن ٿيون.
دنيا ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين جو هڪٻئي سان تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي رشتو رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي لپي جي نشانين مان پڻ ٻين ٻولين سان ڳانڍاپي جو پتو پوي ٿو. سنڌي ٻولي 25 هزار سال پراڻي آهي. سنڌي ٻولي جي لپي، رسم الخط سنڌي ٻوليءَ جو لباس آهي، جيڪو اوترو ئي پراڻو آهي، جيتري سنڌ ۽ سنڌي ٻولي. ان لاءِ ئي سنڌي ٻولي دنيا جي ٻولين سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي هلي رهي آهي. دنيا جي آڳاٽين ٻولين جي قدامت، بڻ بڻياد ۽ لکت بابت ڪافي وقت کان ڪم ٿي رهيو آهي. سنڌو لکت جا نشان پري پري تائين دنيا جي مختلف تاريخي ماڳن تان مليا آهن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو لکت جي نشانين ۾ ڪو مفهوم ۽ معنيٰ آهي. تڏهن ته سنڌو لکت کي سمجھي دنيا جا ماڻهو پنهنجي واپاري ۽ ملڪي انتظام ۾ استعمال ڪندا رهيا آهن. ان لاءِ ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي قديم آثارن ۽ ٻولين جا ماهر چون ٿا ته سنڌو لکت جا ثبوت آڳاٽين تهذيبن مان ملڻ سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ شاهوڪاريءَ کي ظاهر ڪن ٿا. دنيا جا اسڪالر چون ٿا ته دنيا جي قديم ٻولين مان سنڌي ٻولي به هڪ شاهوڪار ٻولي آهي ۽ سنڌو تهذيب جي قديم آثارن مان مليل مهرون ۽ لکت ظاهر ڪن ٿا ته سنڌي ٻولي رڳو علامتون نه پر اها لثاني لکت آهي.
نامور اسڪالر دينا ديون، ڪرونا جي دور ۾ تحقيق ڪندي چيو هو ته، مون ڪرپٽوگرافي جو اصول اختيار ڪندي سنڌو لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون حسياتي نشانين کي صحيح ڄاتو آهي. جيتوڻيڪ سنڌو لکت آوازن ۽ نشانين ۾ آهي، ان لاءِ پڙهي سگھجي ٿي. دنيا جون گھڻيون لکتون ساڄي کان کاٻي لکيون وڃن ٿيون، سنڌو لکت به انهن جو حصو آهي، جيڪا دراوڙي ٻوليءَ جو ٽريڊ مارڪ آهي.
ڪروڙين سال پهرين سنڌو نديءَ ڪناري تي لکيل ويد سنڌو لکت جو نمونو آهن. جيمز لوئس 1828ع ۾ سنڌو تهذيب تي تحقيق ڪئي، جنهن هڙاپا ۽ موهن جي دڙي بابت کوجنا ڪئي. برونز ايج ۾ ترقي ماڻيندڙ سنڌو تهذيب، چيني تهذيب ۽ مصري تهذيب جي هم عصر تهذيب آهي. جن جا هڪٻئي تي تهذيبي اثر پڻ آهن. جيتوڻيڪ مُهين جي دڙي ۽ هڙپا مان مليل چار هزار کان مٿي سنڌو لکت جون نشانيون مليون آهن، جيڪي سوين سالن کان پڙهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. انهن مهرن جي مٿان لکت موجود آهي ۽ هيٺان تصويري نشانيون پڻ موجود آهن پر افسوس ايترين نشانين باوجود سنڌو لکت اڃان تائين نه پڙهي وئي آهي.
مصري تهذيب 200 سال اڳ پڙهي وئي، جيڪا روزيٽا پٿر ذريعي پڙهي وئي. ميسپوٽينيا مان به سنڌو تهذيب جي لکت ملي آهي. جيڪا ان دور جي واپاري لکت جي نشاني آهي، مگر افسوس اسان اڄ ان کي پڙهي نٿا سگھون، جيڪا ميسپوٽينيا جي لکت جو حصو هئي. سنڌو تهذيب جي لکت حسياتي حوالي سان پڙهي سگھجي ٿي. انڊس اسڪرپٽ ۾ نشانين سان گڏ لفظن جا جوڙ پڻ موجود آهن. توهان نشانين مان لفظي معنيٰ ڪڍي سگھو ٿا، ڇو جو سنڌو لکت ۾ شڪليون وزيوئل آرٽ جو نمونو آهن.
چوٿين صديءَ کان ستين صديءَ تائين سنڌو لکت جو دنيا جي تهذيبن تي راڄ رهيو آهي. برونز ايج جون لکتون پڙهيون ويون آهن مگر افسوس هيڏي سائنسي ترقيءَ باوجود انڊس اسڪرپٽ اڃان ڳجھارت بڻيل آهي. گوگل ٻه سئو پنجهتر ٻولين مان شروعاتي ٻولين جي هڪ سئو ٻه ٻولين مان سنڌي ٻولي پڻ هڪ آهي. چيٽ جيپيٽي ۾ اٺهتر ٻولين مان هڪ ٻولي سنڌي پڻ آهي. مائڪرو سافٽ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي سمجھندي، ان کي برقرار رکيو آهي. اڄوڪي ڊجيٽل دور ۾ سنڌي ٻولي صوتياتي ۽ احساساتي طور اڄ به دنيا جي زنده ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي. سنڌي فطرت جي ٻولي آهي، جيڪا اڄ به دنيا جي ٻولين ۾ اوچي ڳاٽ سان بيٺي آهي. ڪپيوٽيشنل لنگئسٽڪس ۾ سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ دنيا جي ٻولين سان گڏ بيٺي آهي. لفظن پويان تصور ڏيندڙ سنڌي ٻولي هن ڌرتيءَ جي عظيم ٻولي آهي، جيڪا اڄوڪي ڪپيوٽيشنل لنگئسٽڪس ۾ پڻ پنهنجي جاءِ والاري چڪي آهي. سنڌي ٻولي ۾ هڪ هزار هڪ سو ايڪهٺ گردان آهن، جيڪي دنيا جي ٻين ٻولين ۾ تمام گھٽ آهن. ايندڙ دور ۾ ٻولين کي وڏا چئلينج آهن، ان لاءِ پنهنجي ماءُ ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ اسان کي دل جي حضور سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.