بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين جي 350 بسترن تي مشتمل ڊاڪٽر سڪندر منڌرو انڊس اسپتال بدين جي نگران حڪومت طرفان بجيٽ ۽ گرانٽ روڪي سنڌ جي پٺتي پيل ضلعي بدين جي ماڻھن کي علاج معالج ۾ رنڊڪون وجھڻ ۽ انڊس اسپتال مالي بحران ۾ جون خبرون ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير ۽ سينيٽر ڊاڪٽر خالده سڪندر مينڌرو پاران نوٽيس ورتو ويو آهي انڊس اسپتال ۽ ھيلٿ نيٽ ورڪ جي ذريعن موجب ته اسپتال بابت ميڊيا تي خبرون اچڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس وٺندي سنڌ جي نگران وزير صحت کي ھدايتون جاري ڪيون آھن ته انڊس اسپتال بدين کي فوري طور تي بجيٽ جاري ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ نگران صوبائي وزير صحت انڊس اسپتال ۽ ھيلٿ نيٽ ورڪ جي سي او سان رابطو ڪري کيس سومر واري ڏينهن اڄ ساڻس ملاقات ڪري رڪيل گرانٽ بابت تفصيل ڏيڻ جو چيو آهي ته ٻئي پاسي سينٽر ڊاڪٽر خالدا سڪندر ميندھرو پڻ سنڌ جي نگران صوبائي وزير صحت سان اسلام آباد مان فون تي رابطو ڪري انڊس اسپتال بدين بند ڪرڻ واري عمل تي پڇاڻو ڪيو ۽ ايندڙ ھفتي جي ايڪيهه نومبر اڱاري ڏينهن نگران وڏي وزير سامھون انڊس اسپتال بدين جي حوالي سان ملاقات ڪرڻ جو چيو آهي ۽ ھن سينيٽ جي ايوان ۾ لکت ۾ ۽ اڄ سومر ڏينهن تي سينيٽ اجلاس ۾ پڻ آواز اٿارڻ جو اعلان ڪيو آهي سينٽر ڊاڪٽر خالدا سڪندر ميندھرو چيو آهي ته اسان بدين ضلعي واسي ڊاڪٽر سڪندر مينڌھرو طرفان ضلعي بدين جي ماڻھن کي صحت جون سهولتون مھيا ڪرڻ واري جدجھد کي جاري رکي ويندي سينيٽر خالده سڪندر مينڌھرو چيو ته انڊس اسپتال بدين جي مسئلن کي حل ڪري ڏورانهن علائقن جي ماڻھن تائين علاج معالج جون سھوليتون پھچائڻ ۾ ڪاب ڪسر نه ڇڏ ي ويندي،