اسلام آباد(بيورو رپورٽ) منصوبه بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ڪراچي انڊسٽريل پارڪ منصوبي بابت جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منقعد ٿيو، اجلاس ۾ وزارت صنعت و پيداواري، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ پي آءِ ڊي سي جي عملدارن شرڪت ڪئي، پڌرائي موجب پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي سي اي او رضوان ڀٽي پاران منصوبي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 550 ايڪڙ تي ٻڌل هن منصوبي جي پي سي ون کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي، ماسٽر پلان ۾ انڊسٽري ڪلسٽرنگ کي شامل ڪيو ويو آهي، منصوبو 15 مهينن اندر مڪمل ڪيو ويندو، مجموعي لاڳت 7 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، ڪراچي انڊسٽريل پارڪ سيڙپڪارن کي گهٽ قيمت تي زمين جي سهولت فراهم ڪندو، انڊسٽريل پارڪ ۾ ”پلگ اينڊ پلي ماڊل“ کي هٿي ڏني ويندي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ننڍين ۽ وڏين صنعتن لاءِ پلاٽ الاٽمينٽ جا معيار طئي ڪيا وڃن، 4 سيپٽمبر تائين منصوبي جو سنگ بنياد يقيني بڻايو وڃي.