شهدادپور(ن پ ا) پي سي بي طرفان ٿيندڙ انڊر 17 نيشنل ڪپ ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ ۾ اسلام آباد جي مارگلا اسٽيڊيم ۾ حيدرآباد ريجن ۽ لاڙڪاڻو ريجن جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. حيدرآباد ريجن پهرين بيٽنگ ڪندي 171 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ لاڙڪاڻي ريجن جي ٽيم مخالف بالر صمد خاصخيلي جي تباھ ڪُن بالنگ آڏو بيوس بڻجي وئي، هدف جو پيڇو ڪندي لاڙڪاڻو ريجن جي سموري ٽيم 133 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ حيدرآباد ريجن 38 رنسن تان ميچ کٽي ورتو. حيدرآباد ريجن جي رانديگر شهدادپور واسي ليفٽ آرم اسپن بالر صمد خاصخيلي 9 اوورن ۾ 13 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته 4 اوور ميڊين ڪرايا. بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي صمد خاصخيلي کي مين آف دي ميچ سان نوازيو ويو. ٽائيم نيوز سان خصوصي طور رابطو ڪرڻ تي صمد خاصخيلي ٻڌايو ته اسلام آباد جهڙي ميدان تي کيڏڻ سندس لاءِ اعزاز آهي، والدين جي محنت ۽ سندن دعائن جي بدولت ڪاميابي ملي آهي، سٺي راند پيش ڪرڻ تي بهترين رانديگر جو انعام مليو آهي، هن چيو ته اڳتي به عمده ڪرڪيٽ کيڏي ملڪ قوم ۽ خاص ڪري ضلعي سانگهڙ جو نالو روشن ڪندس. ٻئي طرف سٺي راند پيش ڪرڻ تي شهدادپور واسين به ساراهيو آهي.