ٽنڊوڄام (ن پ ا ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس جي ميزباني ھيٺ ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سھڪار سان انٽر يونيورسٽي والي بال زون-ڪي شروع ٿي وئي آھي، پهرين ميچ م مهراڻ يونيورسٽي آءِ بي اي سکر کي 16-25 ۽ 22-25 پوائنٽس جي فرق سان شڪست ڏني. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ٽورنامينٽ جو بال سروس ڪرائي افتتاح ڪيو، هن چيمپئن شپ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاڙڪاڻو، آءِ بي اي سکر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، اسرا يونيورسٽي حيدرآباد، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيومن سائنسز ڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، يونيورسٽي آف ماڊرن سائنسز ٽنڊو محمد خان ۽ ميزبان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام حصو وٺي رھيون آهن، وي سي ڊاڪٽر فتح مري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ روايتي ۽ تاريخي راندين کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، والي بال پڻ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ قديم زماني کان کيڏيو پيو وڃي، ان حوالي سان هائير ايجوڪيشن ڪميشن جون ڪوششون قابل تعريف آهن، جيڪا يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ هر قسم جي راندين جو ماحول ميسر ڪري رھي آھي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادي وائس چانسلر ۽ ٻين مهمانن کي چيمپئن شپ بابت آگاهي ڏني. تقريب ۾ استادن، شاگردن ۽ شائقين جي وڏي تعداد موجود هئي.