انٽرنيٽ ۽ عوامي جاڳرتا: نئون اوزار يا نئين غلامي؟

0
30
انٽرنيٽ ۽ عوامي جاڳرتا: نئون اوزار يا نئين غلامي؟

 انٽرنيٽ انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي تبديلي آندي آهي، خاص ڪري انهن ملڪن ۾ جتي تعليم گهٽ، اظهار جي آزادي محدود ۽ ميڊيا تي رياستي ڪنٽرول رهيو آهي، اتي انٽرنيٽ ماڻهن لاءِ ڄاڻ، اظهار ۽ تنظيم جو نئون ذريعو بڻجي چڪي آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا اها جاڳرتا خودمختيار آهي يا ڪنهن حد تائين عالمي قوتن جي حڪمت عمليءَ جو حصو آهي؟

ميڊيا جي تاريخ ۽ ارتقا:

قديم دور ۾ بادشاهه پنهنجا حڪم پنهنجي خاص ماڻهن وسيلي عام ماڻهن تائين پهچائيندا هئا ۽ پٿرن تي اُڪرائيندا هئا. ڪاغذ جي ايجاد کانپوءِ پيغام رسائڻ ۾ آساني ٿي ته ميڊيا جي تاريخ به نئون رخ اختيار ڪيو. اخبارون، رسالا، ڪتاب، ريڊيو ۽ ٽي وي جو دور شروع ٿيو. پر اهي وسيلا به گهڻو ڪري رياستن يا طاقتور ڌرين جي ڪنٽرول ۾ رهيا آهن. اسرندڙ ملڪن ۾ ميڊيا گهڻو ڪري رياستي ترجمان طور ڪم پئي ڪيو آهي.

                 انٽرنيٽ جي اچڻ سان صورتحال ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. هاڻي عام ماڻهو به خبر، تجزيو، وڊيو ۽ آواز شيئر ڪري سگهي ٿو. انٽرنيٽ رواجي ميڊيا جي اجاراداري کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.

انٽرنيٽ جا سماجي اثر:

(الف) هاڪاري پهلو:

* علم ۽ معلومات تائين پهچ ۾ سولائي ٿي آهي.

* انٽرنيٽ سياسي ۽ سماجي تحريڪن جي تنظيم ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

* نوجوان پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪري سگهن ٿا.

* انساني حقن بابت شعور ۽ عوامي جاڳرتا ۾ واڌارو ٿيو آهي.

* ڪاروبار جا موقعا پيدا ٿيا آهن.

(ب) ناڪاري پهلو:

* افواهون ۽ غلط معلومات جلدي پکڙجي ٿي.

* سازشي نظرين ۽ انتهاپسندي کي هٿي ملي ٿي.

* شخصي معلومات جي اچڻ سان نوان خطرا جنم وٺن ٿا.

* حڪمرانن طرفان آن لائن نگراني ۽ سينسرشپ لاڳو ٿئي ٿي.

بين الاقوامي قوتن جا سياسي مفاد:

وڏا ملڪ جهڙوڪ آمريڪا، چين، ۽ يورپ جون طاقتون انٽرنيٽ کي حڪمت عمليءَ طور استعمال ڪن ٿيون. ڪي تحريڪون سوشل ميڊيا ذريعي وڌيڪ متحرڪ ٿين ٿيون، جيئن ايران يا روس ۾ ٿيو پر ڪجهه ملڪن ۾ تحريڪن کي دٻايو وڃي ٿو، جيئن سعودي عرب يا مصر جي حالت آهي. ان کان سواءِ وڏيون ڪمپنيون جهڙوڪ Google، Meta، Amazon ڊيٽا کي طاقت جي صورت ۾ استعمال ڪن ٿيون. ڇاڪاڻ ته ايٽم بم کانپوءِ ڊيٽا نئين طاقت آهي.

انٽرنيٽ وسيلي آيل تبديلين جا ڪجھ مثال:

(الف) عرب اسپرنگ: 2010ع کان شروع ٿيل عرب اسپرنگ تحريڪ سوشل ميڊيا ذريعي منظم ٿي. تونس، مصر، ليبيا، شام ۽ ٻين ملڪن ۾ ماڻهن حڪمرانن خلاف آواز بلند ڪيو. facebook ۽ Twitter تي احتجاج جون وڊيوز، تصويرون ۽ لائيو اسٽريم وڌي ويون.

)ب) آفريڪا: نائجيريا ۾ “#EndSARS” مهم پوليس جي زيادتين خلاف هئي. سوڊان ۾ فوجي حڪومت خلاف احتجاج سوشل ميڊيا ذريعي منظم ٿيا. جتي رواجي ميڊيا بند هئي, اتي WhatsApp ۽ TikTok ماڻهن جو آواز بڻيا.

(ج) برصغير: ڀارت ۾ شهريت قانون خلاف احتجاج، پاڪستان ۾ PTM جي تحريڪ، صحافين تي بندشن خلاف مهم ۽ يوٽيوب تي آزاديءَ سان تجزيا پيش ڪندڙ نوجوان، انٽرنيٽ جي اهميت کي ظاهر ڪن ٿا.

(د) آمريڪا: 2020ع ۾ آمريڪا جي شهر مينيئپولس ۾ هڪ ڪاري سپاهي جارج فلوئڊ جي پوليس هٿان مارجڻ کان پوءِ “Black Lives Matter” تحريڪ زور ورتو. سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سڄي آمريڪا ۾ وڳوڙ، احتجاج ۽ عالمي سطح تي شعور پيدا ٿيو. ان واقعي انٽرنيٽ جي طاقت کي عالمي سطح تي ظاهر ڪيو.

انٽرنيٽ اظهار ۽ اختيار جو ذريعو بڻجي چڪو آهي پر ان تي اجاره دارن ۽ سياسي مفادن جو اثر آهي. جيڪڏھن علم سچو ۽ تنقيدي آهي ته اهو جاڳرتا پيدا ڪري ٿو، نه ته اهو نئين غلاميءَ جي صورت وٺي سگهي ٿو.انٽرنيٽ کي عوام جي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته هيٺين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو وڃي:

* ڊجيٽل تعليم کي عام ڪيو وڃي.

* مقامي ٻولين ۽ ثقافت کي آن لائن هٿي ڏني وڃي.

* ڊيٽا جي تحفظ جا قانون مضبوط ڪيا وڃن.

* انٽرنيٽ بندش خلاف قانوني تحفظ مهيا ڪيو وڃي.

* آزاد ۽ ذميوار صحافت جي واڌاري لاءِ عالمي سهڪار وڌايو وڃي.

انٽرنيٽ هڪ ٻه مُنهين تلوار آهي، ان کي شعور سان هاڪاري طور استعمال ڪجي ته قومن جي غلامي جا زنجير ڪٽي سگهجن ٿا. جيڪڏهن هن جو لاشعوري ۽ ناڪاري استعمال ٿيو ته هي قومن جي اجري مستقبل کي هاڃو رسي سگهي ٿو. طاقت اسان جي هٿن ۾ آهي. هاڻي سوال رڳو اهو آهي ته اسان ان کي ڪيئن استعمال ڪريون ٿا.