اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزا فاطمه اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار ايتري ناهي جيتري هجڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شزا فاطمه چيو ته 5 جي ۽ 4 جي اسپيڪٽرم کي بهتر بڻايو ويندو جنهن کانپوءِ انٽرنيٽ اسپيڊ به بهتر ٿي ويندي، جڏهن سڀ شيون ٺيڪ به هونديون آهن ته پوءِ به پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي اسپيڊ بهتر ناهي هوندي. جنهن جي نتيجي ۾ فري لانسرز ۽ آءِ ٽي جي صنعت متاثر ٿيندي آهي. مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته انٽرنيٽ جي اسپيڊ بابت سيٽلائيٽ انٽرنيٽ فراهم ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ايڊوانس اسٽيج ۾ آهي، جيستائين سمارٽ ڊيوائسز موجود نه آهن، انٽرنيٽ بي معنيٰ هوندو آهي. شزا فاطمه چيو ته 2024ع جي پهرين 9 مهينن ۾ پاڪستان ۾ جي ٽو سميت 87 لک (8.7 ملين) سمارٽ فونز پاڪستان ۾ ٺاهيا ويا، ڪوشش آهي ته اهڙي پاليسي ٺاهيون ته ڪجهه ئي عرصي ۾ سمارٽ فونز ايڪسپورٽ ٿيڻ شروع ٿي وڃن. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن جي هٿن ۾ ٽيڪنالاجي اسان لاءِ الڳ چيلنج آهي، دنيا ۾ هر هنڌ ريگيوليٽري چئلينجز آهن، هي مسئلو رڳو پاڪستان جو ناهي، ٻارن جي سائبر سيڪيورٽي ۽ تحفظ به اسان جي ذميواري آهي.